زرعي شعبي ۾ هدفي سيڙپڪاري سان فوڊ سسٽم ۾ تبديلي اڻٽر آهي: راڻا تنوير حسين

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته زرعي شعبي ۾ هدفي سيڙپڪاري سان فوڊ سسٽم ۾ تبديلي اڻٽر آهي، زيتون ۽ ڊيري سيڪٽر روزگار ۽ غذائي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ايف اي او ڪانفرنس زرعي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، ٺوس نتيجن ۽ معنيٰ ڏيندڙ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ …

اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته زرعي شعبي ۾ هدفي سيڙپڪاري سان فوڊ سسٽم ۾ تبديلي اڻٽر آهي، زيتون ۽ ڊيري سيڪٽر روزگار ۽ غذائي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ايف اي او ڪانفرنس زرعي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، ٺوس نتيجن ۽ معنيٰ ڏيندڙ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ايف اي او جي انتظام هيٺ هينڊ ان هينڊ نيشنل ايگريڪلچر انويسٽمينٽ سمٽ 2026ع ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت زيتون ۽ ڊيري جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي هٿي وٺائي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ٻنهي شعبن ۾ غذائي تحفظ، روزگار جا موقعا ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي ڀرپور صلاحيت آهي. هن چيو ته زيتون جو شعبو کاڄرو تيل جي آمدني واپار ۾ ساليانو 3 ارب ڊالر تائين گهٽتائي جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته ويليو چين جي فقدان سبب اها صنعت هن وقت ٽڙيل پکڙيل آهي جنهن کي مربوط سيڙپاڪري ذريعي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڊيري سيڪٽر ۾ پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو کير پيدا ڪندڙ ملڪ آهي پر انفراسٽرڪچر ۽ سرٽيفڪيشن سهولتن جي گهٽتائي سبب ان شعبي جي مڪمل سگهه مان فائدو نه پيو کنيو وڃي. هن خاطري ڪرائي ته قومي غذائي ۽ تحقيق واري وزارت، ايف اي او سان مڪمل سهڪار جاري رکندي ۽ حڪومت، خانگي شعبو ۽ سيڙپڪار گڏجي زرعي شعبي کي درپيش چئلينجز جي عملي حل جي ڳولا ڪندا. وفاقي وزير سيڙپڪارن تي زور ڀريو ته هو زيتون ۽ ڊيري جي شعبن ۾ اڳيان وڌي ڪردار ادا ڪن ته جيئن ٺوس نتيجا ۽ معنيٰ ڏيندڙ سيڙپڪاري ذريعي ملڪي معيشت ۽ فوڊ سسٽم کي مضبوط بڻائي سگهجي.

مزید خبریں