اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اي پي پي اردو سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا سان سندس جوان پٽ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسپيڪر گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ عبدالجبار ذڪريا سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان پٽ جو اوچتو وڇڙي وڃڻ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اي پي پي جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اي پي پي اردو سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا سان سندس جوان پٽ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسپيڪر گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ عبدالجبار ذڪريا سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان پٽ جو اوچتو وڇڙي وڃڻ وڏو صدمو آهي جيڪو تلافي نه ٿيڻ جوڳو نقصان آهي، ڏک ۽ غم جي ان گهڙي ۾ اسان سوڳوار خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اسپيڪر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.











