نوم پنهه -03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سان گڏ ڪمبوڊيا جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن کي پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ پارلياماني سفارتي، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب دوري دوران سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ڪمبوڊيا جي سينيٽ جي صدر سامديچ …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران ڪمبوڊيا جو سرڪاري دورو، ٻه طرفي تعاون ۽ گڏيل مفادن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
نوم پنهه -03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سان گڏ ڪمبوڊيا جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن کي پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ پارلياماني سفارتي، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب دوري دوران سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ڪمبوڊيا جي سينيٽ جي صدر سامديچ اڪاموها سينياپديئي تيچوهن سين وچ ۾ اعليٰ سطحي ٻه طرفي ملاقات منعقد ٿي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پارلياماني سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ٻه طرفن لاڳاپن کي نئين جدت ڏيڻ، سياسي، معاشي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي وٺائڻ جڏهن ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اداره جاتي تعاون جي امڪانن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ چيئرمين جو اهو دورو پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، پارلياماني رابطن کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل سهڪار جا نوان رستا ڳولهڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سان گڏ ڪمبوڊيا جي گادي واري هنڌ نوم پنهه پهتو، جتي ٽيچو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. آجياڻ ڪندڙن ۾ ڪمبوڊيا جي سينيٽ جو ٻيو نائب صدر ڊاڪٽر ٿن وٿانا، سينيٽ جي پهرين ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ڪمبوڊيا- پاڪستان سينيٽ فرينڊشپ گروپ جي سربراهه انگي چانفال، چنجين ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڇولي سيانگ، پروٽوڪول ۽ عالمي لاڳاپن واري ڊائريڪٽر جنرل انگيون سوک وينگ ۽ ڪمبوڊيا ۾ پاڪستان جي سفير ظهير الدين بابر ٿهيم شامل ئا. دوري دوران سينيٽ چيئرمين انڊيپنڊنس مونومينٽ جو دورو ڪيو، جتي هن ڪمبوڊيا جي قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ڪمبوڊيا جي آزادي ۽ قومي جدوجهد جي تعريف ڪئي. جنهن کان پوءِ هن آنجهاني ڪنگ فادر پرياه بوروم رتناڪ ڪاڌ جي شاهي يادگاري مجسمي تي به حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، جيڪو ڪمبوڊيا جي تاريخ، ثقافت ۽ قومي ورثي لاءِ پاڪستان جي گهري احترام جي علامت آهي. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا جي سينيٽ جي سوليڊيرٽي پيلس پهتو، جتي پوليار ٿيپادي هال ۾ سندس اعزاز ۾ هڪ پروقار سرڪاري آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. ڪمبوڊيا جي سينيٽ جي صدر سامديچ اڪاموها سينا پديئي تيچوهن سين ذاتي طور تي سينيٽ چيئرمين جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گارڊ آف آنر جو به معائنو ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي وفدن جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو ويو ۽ رسمي خيرسگالي جي مٽاسٽا به ٿي. ان دوري کي پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ پارلياماني، سياسي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ، گڏيل اعتماد جي مضبوطي ۽ ٻه طرفي تعاون جي نون امڪانن جي ڳولا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي ڪمبوڊيا پاران سينيٽ چيئرمين جي اعزاز ۾ شاندار دعوت جو بندوبست به ڪيو ويو، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن ۽ گڏيل احترام جو مظهر هو.











