وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري وزير لازيز قادرتوف جي ملاقات

اسلام آباد -03 فيبروري (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري وزير لازيز قادرتوف گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن اقتصادي تعاون ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ واپار، سيڙپڪاري، رابطن ۽ سيڪٽرل حصيداري کي تيز ڪرڻ لاءِ عملي قدمن تي به اتفاق ڪيو ويو. ازبڪستان جي وفد جي آجيان ڪندي وفاقي وزير …

اسلام آباد -03 فيبروري (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري وزير لازيز قادرتوف گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن اقتصادي تعاون ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ واپار، سيڙپڪاري، رابطن ۽ سيڪٽرل حصيداري کي تيز ڪرڻ لاءِ عملي قدمن تي به اتفاق ڪيو ويو. ازبڪستان جي وفد جي آجيان ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ازبڪستان  وچ ۾  مسلسل اعليٰ سطحي رابطن ۽ اداره جاتي فالواپ ذريعي گذريل ٻن سالن ۾ نمايان طور تيزي آئي آهي. ازبڪ وزير وفد جي دوري لاءِ مهمان نوازي ۽ انتظامن تي پاڪستان جو ٿورو مڃيندي  چيو ته ٻئي ڌريون ازبڪستان مان ايندڙ هڪ اهم اعليٰ سطحي دوري جي تياري ڪري رهيون آهن. هنن واپاري اهڃاڻن ۾ بهتري تي روشني وجهندي چيو ته ٻه طرفي  واپار ۾ گذريل سال اٽڪل 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، پاڪستان مان ازبڪستان ڏانهن روانگي واپار ڪندڙن ۾ اٽڪل 12 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.   جڏهن ته پاڪستان جي ازبڪستان ڏانهن روانگي واپار ۾ اٽڪل 8 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن گهري صنعتي سهڪار ۽ نوان شعبه جاتي تعاون ذريعي ٻه طرفه واپار ۾ 2 ارب ڊالرن جو هدف مقرر ڪندي واپار ۾ توازن ۽ پئماني جي ضرورت تي زور ڀريو. ازبڪ ڌر ترجيحي واپاري فريم ورڪ تي تعميري ڳالهين جي تعريف ڪئي، جنهن ۾ مصنوعات کي ڪوريج جي فهرست  کي 34 کان 92 تائين وڌائڻ، ۽ وقت سان گڏوگڏ خدمت ۽ سيڙپڪاري جي انتظام هيٺ انتظامن ۾ تعاون کي وڌائڻ  م دلچسپي جو اظهار ڪيو. ازبڪ وزير چيو ته هن وقت ازبڪستان ۾ 228 پاڪستاني ڪمپنيون ڪم  ڪري رهيون آهن ۽ صرف گذريل  سال اتي 80 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون. ٻنهي ڌرين ترجيحي شعبن سميت فوڊ سيڪيورٽي، کاڻين، ٽيڪسٽائيل، چمڙي ۽ فارماسيوٽيڪل ۾ شراڪتداري کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ازبڪستان جي وزير چيو ته ازبڪستان جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ به سيڙپڪاري ۽ منصوبن جي ڳولا ڪرڻ جون خواهشمند آهن جن ۾ خوراڪ جي حفاظت ۽ گوشت جي پيداوار، چانورن جي پوکائي جا موقعا ۽ کاڻيون شامل آهن. ٻنهي ڌرين  عوام سان عوام ۽ ڪاروباري رابطن ۾ هاڪاري رفتار جو به جائزو ورتو. ٻيهر شروع ٿيڻ ۽ سڌي ريت هوائي رابطن کي وڌائن جي آجيان ڪئي وئي.  علائقائي رابطن ۽ لاجسٽڪس تي، ٻنهي ڌرين رواتي رستن ۾ رڪاوٽ، خاص طور تي پاڙيسري سرحدي ۽ ٽرانزٽ رڪاوٽون سبب پيدا ٿيل چئلينج تي به ڳالهيوهن ڪيون. متبادل راهدارين ۽ اتر ڪوريڊور  ۽ ڪاشغر رستي  هڪ لاجسٽڪس  ۽ گودام جي مرڪز طور ڪارگو جي روانگي ۾ نيشنل لاجسٽڪس  ڪارپوريشن جي ڪردار تي به غور ڪيو ويو. ڳالهين ۾ گهڻ ملڪي ”گرين ڪوريڊور“ جي انتظامن کي اڳيان وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان، چين ۽ وچ ايشيائي ڀائيوارن کي سامان جي آساني سان چر پر  ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ واضح قانوني ۽ آپريشنل طريقيڪار  جي حمايت حاصل ٿي. ازبڪ ڌر  رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ چين جي اختيارين سان مربوط مشغوليت تي زور ڀريو ۽ ڪاشغر ۾ گودام جي گنجائش مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي. اجلاس ۾ کاڻين ۽ معدنيات جي تعاون تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جتي  وفاقي وزير  پاڪستان جي ڳولا جي جديد صلاحيت، فني سروي، ڊرلنگ سروسز ۽ ٽيڪنالاجي  تي ٻڌل کاڻين جي ترقي جي ضرورت تي زور ڀريو.

مزید خبریں