وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير انجينئر امير مقام ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران آزاد ڪشمير جي مرحوم صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي وارثن سان تعزيت جو اظھار

ميرپور - 03 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت مشير راڻا ثناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪالهه آزاد ڄمون ڪشمير جي مرحوم صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي گھر وڃي سندس گھرڀاتين سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. ڪشمير جي معاملن واري وزارت مان گذريل ڏينھن جاري بيان مطابق …

ميرپور – 03 فيبروري(اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت مشير راڻا ثناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪالهه آزاد ڄمون ڪشمير جي مرحوم صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي گھر وڃي سندس گھرڀاتين سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. ڪشمير جي معاملن واري وزارت مان گذريل ڏينھن جاري بيان مطابق ان موقعي تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي خصوصي ھدايتن تي اسان وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله خان جي قيادت ۾ تعزيت لاءِ آيا آھيون. ھن چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت طرفان مرحوم جي گھرڀاتين ۽ ميرپور جي عوام سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪيون ٿا. ھن چيو ته بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جو لاڏاڻو نه رڳو ڪشمير پر سڄي پاڪستان لاءِ ناقابل قبول نقصان آھي. مرحوم ڪشمير جي عالمي سطح تي موقف کي اجاگر ڪرڻ ۾ نمايا ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس اھي خدمتون ھميشه ياد رکيون وينديون. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان کانپوءِ وفاقي وزيرن ۽ وزيراعظم جي مشير، بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي مزار تي حاضري ڀري ۽ وزيراعظم محمد شھباز شريف ۽ پنھنجي پاران گلن جي چادر چاڙھي ۽ دعا ڪئي.

مزید خبریں