اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران اي پي پي اردو نيوز سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي اردو نيوز سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي نوجوان پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو …

اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي اردو نيوز سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي نوجوان پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نوجوان پٽ جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي ۽ ڏک جي هن گھڙي ۾ عبدالجبار ذڪريا ۽ سندس خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سوڳوار خاندان کي صبر عطا ڪري.

مزید خبریں