صدارتي ترجمان مرتضيٰ سولنگي پاران سينئر صحافي، اي پي پي اردو نيوز سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي اڱاري ڏينهن سينئر صحافي ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي اردو نيوز سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ تعزيتي پيغام ۾ ترجمان عبدالجبار ذڪريا ۽ سندس خاندان سان افسوسناڪ نقصان تي …

اسلام آباد- 03 فيبروري (اي پي پي) صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي اڱاري ڏينهن سينئر صحافي ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي اردو نيوز سروس جي ڊائريڪٽر عبدالجبار ذڪريا جي پٽ معاذ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ تعزيتي پيغام ۾ ترجمان عبدالجبار ذڪريا ۽ سندس خاندان سان افسوسناڪ نقصان تي دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. مرتضيٰ سولنگي دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي هن ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت ۽ صبر جي دعا فرمائي.

مزید خبریں