قومي اسيمبلي جو هلندڙ اجلاس 12 فيبروري تائين جاري رهندو، قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائزري اجلاس ۾ فيصلو

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 24هين اجلاس جي ايجنڊا ۽ وقت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جو موجوده اجلاس کي 12 فيبروري 2026ع خميس تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. موجوده اجلاس ۾ بلوچستان جي تازي صورتحال تي …

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 24هين اجلاس جي ايجنڊا ۽ وقت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جو موجوده اجلاس کي 12 فيبروري 2026ع خميس تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. موجوده اجلاس ۾ بلوچستان جي تازي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو. اجلاس ۾ قانون سازي، سوالن واري وقفي ۽ عوامي اهميت رکندڙ مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، مملڪتي وزير طلال چوڌري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد نويد قمر، اعجاز حسين جکراڻي، سيد حفيظ الدين، پولين بلوچ، سيد امين الحق، نزهت صادق، سيده شهلا رضا، محمد اعجاز الحق، سازيه مري، نور عالم خان ۽ شيخ آفتاب شرڪت ڪئي.

مزید خبریں