جمهوريه قازقستان جي 25 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جو دورو، 8 مختلف ايم او يوز تي صحيحون

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) جمهوريه قازقستان جي 25 رڪني اعليٰ سطحي وفد تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽  8 مختلف ايم او يوز تي صحيحون. وفد جي اڳواڻي جمهوريه قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير ساياسات نور بيڪ ڪري رهيو هو. وفد ۾ سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزارت جا سينئر عملدار قازقستان جي ناليوارين يونيورسٽين جي قيادت ۽ تحقيقي ادارن جا …

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) جمهوريه قازقستان جي 25 رڪني اعليٰ سطحي وفد تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽  8 مختلف ايم او يوز تي صحيحون. وفد جي اڳواڻي جمهوريه قازقستان جي سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزير ساياسات نور بيڪ ڪري رهيو هو. وفد ۾ سائنس ۽ اعليٰ تعليم واري وزارت جا سينئر عملدار قازقستان جي ناليوارين يونيورسٽين جي قيادت ۽ تحقيقي ادارن جا نمائندا شامل هئا. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير اعليٰ سطحي وفد جي آجيان ڪئي ۽ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. هي دورو پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو حصو هو. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي صدارت هيٺ هڪ ٻطرفي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ تعليم، هائير ايجوڪيشن، پرڏيهي وزارت، پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجوده تعاون جي فريم ورڪ جو جائزو ورتو ويو ۽ اعليٰ تعليم سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، طبي تعليم، تحقيق، انوويشن ۽ تعليمي مٽاسٽا ۾ نئين ڀائيواري جا موقعا تلاش ڪيا ويا، ٻنهي طرفان اداره جاتي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ تعليم ذريعي عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ويو. دوري جي اهم نتيجن ۾ پاڪستان قازق اعليٰ تعليمي ادارن وچ ۾ 8 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون. انهن معاهدن ۾ شامل پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ قائداعظم يونيورسٽي، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ)، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد(آءِ آءِ يو آءِ) غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز، نيشنل يونيورسٽي آف مارڊرن لينگوئيجز (نمل) ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز شامل آهن. مفاهمتي يادداشتن جو مقصد گڏيل تحقيق، استان ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، گڏيل تعليمي پروگرامز ۽ سگهه ۾ واڌ جي قدمن تي غور ڪرڻ آهي.

مزید خبریں