اسلام آباد - 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جامع ۽ معياري تعليم جي فروغ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يونيسڪو جي بنيادي قدرن جي پاسداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ڊائريڪٽر جنرل خالد الايناني …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جامع ۽ معياري تعليم جي فروغ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يونيسڪو جي بنيادي قدرن جي پاسداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ڊائريڪٽر جنرل خالد الايناني ملاقات ڪئي. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد حسين مگسي، قومي ورثي ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير اورنگزيب کچي ۽ اعليٰ عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر خالد الايناني کي ڊائريڪٽر جنرل يونيسڪو چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي جامع ۽ معياري تعليم جي فروغ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان يونيسڪو جي بنيادي قدرن جي پاسداري جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم يونيسڪو جي اهم ڪردار کي ساراهيندي ڊاڪٽر خالد الايناني جي قابل قيادت ۾ تنظيم سان تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن خاص طور تي ”ايجوڪيشن ايمرجنسي“ جنهن جو مقصد اسڪول وڃڻ جي عمر جي ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي جهڙن قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم بطور پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي دور ۾ تعليم جي شعبي ۾ حاصل ڪيل تجربن، بهترين طريقن ۽ ڪاميابين جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۾ ثقافتي ورثي جي 6 جاين جي تحفظ ۽ ان ڳالهه ۾ يونيسڪو جي تعاون تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ يونيسڪو کي کيوڙه سالٽ مائنز جهڙين وڌيڪ جاين کي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏني. ڊائريڪٽر جنرل يونيسڪو شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هن پنهنجي مختصر دوري ۾ مختلف اسڪولن ۽ ثقافتي جاين جو دورو ڪيو. هن تعليم جي شعبي ۾ پاڪستان جي ڪاميابين کي ساراهيو ۽ تعليم، سائنس ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پنهنجي مسلسل عزم تي زور ڏنو.











