اسلام آباد - 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ معياري فلمن جي پروڊڪشن جي لاءِ ڀرپور قدم ۽ مدد ڪئي ويندي. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ مختلف منصوبن جي جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير کي سينٽرل مانيٽرنگ پروجيڪٽ جي دائره ڪار ۾ توسيع ۽ …
پاڪستان ۾ معياري فلمن جي پروڊڪشن جي لاءِ ڀرپور قدم ۽ مدد ڪئي ويندي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ معياري فلمن جي پروڊڪشن جي لاءِ ڀرپور قدم ۽ مدد ڪئي ويندي. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ مختلف منصوبن جي جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير کي سينٽرل مانيٽرنگ پروجيڪٽ جي دائره ڪار ۾ توسيع ۽ ٽيڪنالاجي جي بهتري سميت نيشنل سينٽر آف فلمز (اين سي ايف) قائم ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل مانيٽرنگ پروجيڪٽ جي شروعات جنوري 2023ع ۾ ٿي، اهو منصوبو هلندڙ سال جون 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير سينٽرل مانيٽرنگ پروجيڪٽ جي وقت سر تڪميل تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جديد گهرجن سان هم آهنگ منصوبو آهي جنهن سان بيانيه سازي بابت رپورٽس جوڙڻ ۽ موثر حڪمت عملي طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ان منصوبي سان نجي شعبي کي پڻ فائدو ٿيندو جتي هو پنهنجي مواد جو تجزيو ڪرڻ جي سهولت حاصل ڪري سگهندو. ان موقعي تي ڊيمپ انتظاميا پي سي ون ۽ منظور ٿيل ورڪ پلانگ موجب منصوبي جي جون 2026ع تائين وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ڪنهن به رڪاوٽ جي وقت سر نشاندهي ۽ ازالي جي لاءِ باقاعده بنيادن تي جائزه اجلاس منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس کي نيشنل سينٽر آف فلمز (اين سي ايف) قائم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ معياري فلمن جي پروڊڪشن جي لاءِ ڀرپور قدم ۽ معاونت ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل سينٽر آف فلمز، ڊيمپ جي فلم ونگ جي نئين سر تنظيم سازي جي ذريعي قائم ڪئي وئي، نيشنل فلم پاليسي 2018ع جي آفيشل ڪسٽوڊين جي طور تي نيشنل سينٽر آف فلمز (اين سي ايف) فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي لاڳاپيل ڌرين سان رابطو ۽ هم آهنگي يقيني بڻائي ٿو. پاليسي تحت مراعتن جي لاڳو ۾ سهولت جي فراهمي ۽ منظم رابطن، معاهدن ۽ عالمي پليٽ فارمز ۾ شرڪت جي ذريعي پاڪستان جي سئنيما صنعت کي عالمي سطح تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم پڻ کنيا وڃن ٿا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فلمي صنعت جي بحالي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران مالي مراعتون متعارف ڪرايون ويون آهن، سئنيما ٽو گرافڪ اوزارن تي ڇوٽ، سئنيما آپريشنز ۽ فيچر فلمز جي تياري جي لاءِ ٽيڪس ريفليف، فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ تحت ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي سان واڳيل ٽيڪس ڪريڊٽس شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فلم ۽ ڊراما جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون آهن، جن جو مقصد مواد جي مٽاسٽا، گڏيل پروڊڪشنز ۽ عالمي فلم فيسٽيولز ۾ شرڪت کي فروغ ڏيڻ آهي.











