پاڪستان صحت جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان صحت جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي، ويڪسين سازي ۾ خود ڪفالت جي قومي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن ٻڌايو ته ويڪسين جي مقامي تياري جي حوالي سان سعودي عرب جو 11 رڪني اعليٰ سطحي وفد …

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان صحت جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي، ويڪسين سازي ۾ خود ڪفالت جي قومي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن ٻڌايو ته ويڪسين جي مقامي تياري جي حوالي سان سعودي عرب جو 11 رڪني اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي ويو. اها اڳڀرائي صحت واري وفاقي وزير  جي گذريل 7 مهينن تي ٻڌل مسلسل ڪوششن جو نتيجو آهي. ياد رهي ته وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جون پنهنجي سعودي هم منصب سان هن وقت تائين ٽي اهم ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جن ۾ ويڪسين جي مقامي تياري، سيڙپڪاري ۽ فني تعاون جهڙن اهم معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ويڪسين جي مقامي تياري جي حوالي سان مصطفيٰ ڪمال جي سعودي عرب جي صنعت واري وزير سان به ملاقات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ويڪسين مينوفيڪچرنگ، فارما سيوٽيڪل انڊسٽري ۽ صنعتي ڀائيواري جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. انهن ملاقاتن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن طرفان فوڪل پرسنز مقرر ڪيا ويا. پاڪستان طرفان چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڊريپ ڊاڪٽر عبيد کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سعودي عرب طرفان صنعت واري وزارت جي سينئر ايڊوائيزر نزار الحريري (Nizar Y. Al-Hariri)  کي فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو. انهي تسلسل ۾ پاڪستان ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ سعودي صنعت واري وزارت جي ايڊوائيزر وچ ۾ هن وقت تائين 6 تفصيلي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال موجب اعليٰ سطحي سعودي وفد جو هي دورو ويڪسين جي تياري لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري نه رڳو ملڪي ضرورتن کي پورو ڪندي پر اضافي پيداوار ذريعي روانگي واپار کي هٿي ڏئي قومي معيشت کي به مستحڪم ڪندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عوام کي محفوظ ۽ معياري ويڪسين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

مزید خبریں