اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي صوبائي اسيمبلين جي 3 ميمبرن جي ميمبرشپ بحال

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان،  پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي 3 ميمبرن جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي آهي. پنجاب اسيمبلي مان راڻا رياض احمد(پي پي -202) ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلي مان محمد اقبال خان( پي ڪي -103) ۽ آصف خان (پي ڪي -109) جي رڪنيت اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي معطل ڪئي وئي هئي، هاڻي انهن مالي سال 25-2024ع لاءِ گهربل …

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان،  پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي 3 ميمبرن جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي آهي. پنجاب اسيمبلي مان راڻا رياض احمد(پي پي -202) ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلي مان محمد اقبال خان( پي ڪي -103) ۽ آصف خان (پي ڪي -109) جي رڪنيت اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي معطل ڪئي وئي هئي، هاڻي انهن مالي سال 25-2024ع لاءِ گهربل دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفيڪيشن موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت اسيمبلي ميمبرن کي هر سال 31 ڊسمبر تائين پنهنجي، گهرواري ۽ ٻارن جا اثاثا ۽ بقايا جا تفصيل فارم بي تي جمع ڪراڻا هوندا آهن. جنوري 2026ع ۾ جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن ۾ انهن ميمبرن کي معطل ڪيو ويو هو، هاڻي انهن ميمبرن، قانوني گهرجون پوريون ڪري ورتيون آهن جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن انهن جي رڪنيٽ بحال ڪري ڇڏي آهي.