اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 700 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار ڪيوسڪ، …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 700 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1202.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.439 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 647.20 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.221 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











