ناڻي واري وفاقي وزير پاران معاشي استحڪام، مضبوط مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد -02 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه هن وافي انرجي پاڪستان لميٽڊ جي وفد سان ملاقات دوران چئي، جنهن ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ پاڪستان جي 100 ملين …

اسلام آباد -02 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه هن وافي انرجي پاڪستان لميٽڊ جي وفد سان ملاقات دوران چئي، جنهن ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ پاڪستان جي 100 ملين آمريڪي ڊالرن تائين امڪاني سيڙپڪاري جو اشارو ڏنو آهي. اها ڳالهه ناڻي وزارت ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي وفد جي قيادت جاويد اختر، چيف فنانس آفيسر اسياڊ گروپ (بورڊ ميمبر)، وافي انرجي پاڪستان لميٽڊ ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زبير شيخ ۽ چيف فنانس آفيسر ضرار محمود، وافي انرجي پاڪستان لميٽڊ به شامل هئا. ملاقات دوران ڪمپني جي موجوده سرگرمين، ايندڙ سيڙپڪاري جي امڪانن ۽ آئل مارڪيٽنگ ۽ توانائي جي شعبي سان واڳيل معاملن جو به جائزو ورتو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پائيدار معاشي استحڪام حڪومت جي اقتصادي حڪمت عملي جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي دستيابي ۾ بهتري مجموعي معاشي نظم و ضبط ۽ سڌارن جو سڌي ريت نتيجو آهي ۽ پرڏيهي مالياتي ذخيرن کي مضبوط بڻائڻ سان جائز ڪاروباري ڏيتي ليتي، منافعي جي پرڏيهه منتقلي سميت سرحد پار ادائگين ۾ سهولت ملندي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو ته بهتر ٿيندڙ معاشي اهڃاڻ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيا آهن، جيڪو هڪ صحتمند سيڙپڪاري ماحول جو بنيادي عنصر آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته مقامي سيڙپڪارن جي شموليت پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ملاقات دوران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊلز ۽ اسٽرڪچرڊ فنانس تي به ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير چيو ته صوبائي سطح تي ڪامياب تجربا وڏي پئماني تي بنيادي ڍانچي جي منصوبن لاءِ ان ماڊلز جي فائدن کي ظاهر ڪن ٿا ۽ اسٽرڪچرڊ فنانس کي هٿي وٺائڻ ۽ بينڪاري شعبي سان گڏ مضبوط حصيداري جي ضرورت تي زور ڀريو. وفد وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته بهتر معاشي استحڪام سبب وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ کي پنهنجي آپريشنز ۾ بهتري جو فائدو حاصل ٿيو آهي ۽ ڪمپني ايندڙ سالن ۾ پنهنجي رٽيل ۽ اسٽوريج صلاحيت ۾ واڌ جو ارادو رکي ٿي. وفد پاڪستان جي معيشت جي مستقبل تي اعتماد ظاهر ڪندي چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وفد ڪمپني جي موجوده آپريشنز تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ سڄي ملڪ ۾ هڪ وسيع رٽيل نيٽ ورڪ هلائي رهي آهي جنهن کي جديدڪاري ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ جاري سيڙپڪاري جي مدد حاصل آهي. بهتر معاشي حالتن ۽ آپريشنل ماحول ۾ اڳڪٿي جي قابل ٿيڻ تازي ڪاروباري انضمام کان پوءِ سيڙپاڪاري جي عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ ان کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. وفد وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمپني ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ رٽيل نيٽ ورڪ ۽ اسٽوريج صلاحيت ۾ واڌ لاءِ 100 ملين آمريڪي ڊالرن تائين سيڙپڪاري تي غور ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد سپلاءِ چين کي مضبوط بنائڻ، خدمتن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي شعبي جي ڊگهي مدي واري ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. وفد اهو به ٻڌايو ته وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ پنهنجي جديدڪاري جي حڪمت عملي تحت آپريشنز ۾ ڊجيٽل نظام متعارف ڪرايا آهن، جيڪي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ ضابطه جاتي گهرجن جي پاسداري جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. وفد آئل مارڪيٽنگ سيڪٽر جي آپريشنل ماحول بابت معاملا به اٿاريا ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري لاءِ هڪ مستحڪم، شفاف ۽ اڳڪٿي جوڳي پاليسي فريم ورڪ تي زور ڀريو. هن چيو ته ريگيوليٽري، مالياتي ۽ آپريشنل معاملن ۾ تسلسل ۽ وضاحت سيڙپڪاري جي تسلسل لاءِ اڻٽر آهي. وفد ڪجهه مالي ۽ ٽيڪس بابت نقطن جي نشاندهي ڪندي واضح ۽ مستقل پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته ڪاروباري منصوبه بندي ۽ سيڙپڪاري جي اعتماد کي هٿي وٺائي سگهجي. هن حڪومت ۽ صنعت وچ ۾ مسلسل مشاورت کي سڌار ۽ سيڙپڪاري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مفيد قرار ڏنو. وفاقي وزير نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ کي حڪومت جي بنيادي پاليسي قرار ڏيندي چيو ته خانگي شعبو واپاري اثاثن جي اثرائتي نظام لاءِ بهتر صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته تازي نجڪاري قدمن ۾ سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي ۽ آئينده سمورو عمل شاف، هڪجهڙو ۽ واضح طريقيڪار تحت وزيراعظم جي هدايت موجب انجام ڏنو ويندو. ڊجيٽلائيزيشن کي قومي ترجيح قرار ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ادارا ان ميدان ۾ ٻين کان اڳيان آهن، جڏهن ته شعبي ۾ غير يقيني اڳڀرائي سبب شفافيت ۽ ڪارڪردگي لاءِ سخت پاليسي قدم اڻٽر آهن. هن چيو ته لاڳاپيل معاملن تي لاڳاپيو وزارتون، ڊويزنون ۽ ريگيوليٽريز سان مشاورت سان جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير سعودي عرب سميت عالمي شراڪتدارن سان اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ رابطن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته اهڙا رابطا اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم پليٽ فارم فراهم ڪن ٿا. وفاقي وزير سڌارن، نجڪاري، ڊجيٽلائيزيشن ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ کي حڪومت جي جامع اقتصادي ايجنڊا سان مربوط ٿنڀ قرار ڏيندي وفد کي يقين ڏياريو ته ملاقات دوران اٿاريل سمورن نقطن کي مناسب اداره جاتي فورمز تي غور هيٺ آندو ويندو ته جيئن ڊگهي مدي واري ترقي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي.

مزید خبریں