ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن: وفاقي وزير مصدق ملڪ

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ننڍا ڊيم ٺاهڻ مستقبل لاءِ اهم آهن، ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن، ماحولياتي تبديلي خلاف جنگ ويٽ لينڊ جي تحفظ سان کٽي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪناره پارڪ جناح روڊ بني گالا اسلام آباد ۾ ورلڊ …

اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ننڍا ڊيم ٺاهڻ مستقبل لاءِ اهم آهن، ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن، ماحولياتي تبديلي خلاف جنگ ويٽ لينڊ جي تحفظ سان کٽي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪناره پارڪ جناح روڊ بني گالا اسلام آباد ۾ ورلڊ ويٽ لينڊز ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪاربن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي وڻ ۽ پاڻي جي ذخيرن جي ڪناري ويٽ لينڊ (دلدلي زمين) جو تحفظ ڪرڻو پوندو، اهو صرف پاڻي، ڍنڍن ۽ ٻيڙيون نه پر لکين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي، ويٽ لينڊز تي گذارو ڪندڙ خاندانن لاءِ هي زندگي ۽ بقا جو سوال آهي، اهي وسيلا 99 سيڪڙو عوام لاءِ آهن، نه ئي صرف اشرافيه لاءِ. هن چيو ته وڻ ۽ ويٽ لينڊز ماحولياتي تحفظ سان عوامي روزگار جو سهارو آهن، هي ملڪ رڳو ايليٽ ڪلاس جو ناهي، انهن 99 سيڪڙو ماڻهن جو آهي جيڪي قدرتي وسيلن تي ڀاڙين ٿا، ويٽ لينڊز تباهه ٿيندا ته روزگار ختم ٿيندو، وڻ وڍجڻ سان رڳو ماحول نه عام ماڻهو جي معيشت تي وار آهي، وڻ ۽ ويٽ لينڊز سان کان وڏا قدرتي ڪاربن سنڪس آهن. هن چيو ته گلوبل وارمنگ ۽ ڪاربن ايميشنز سبب گليشيئرز تيزي سان پگهرجي رهيا آهن، گليشئرز جو پگهرجڻ قدرتي آفتن کي جنم ڏئي رهيو آهي، ويٽ لينڊ جو تحفظ گلوبل وارمنگ کان اثرائتو تحفظ آهي. وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي خلاف جنگ ويٽ لينڊ جي تحفظ سان کٽي سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان کي پنهنجن گهرن، گهٽين ۾ صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، فضائي ۽ آبي گدلاڻ موجوده دور جا وڏا مسئلا آهن، پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ننڍا ڊيمز ٺاهڻ مستقبل لاءِ اهم آهن. هن چيو ته جنگلي جيوت جي زندگي لاءِ پڻ اهم آهي، ماحول جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

مزید خبریں