اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) سال 2026ع جي پهرين قومي پوليو مهم جو افتتاح نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر تحت اسلام آباد جي علائقي راول ٽائون ۾ واقع هڪ بنيادي صحت مرڪز ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي سفر جي …
پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي: عائشه رضا فاروق

مزید خبریں
اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) سال 2026ع جي پهرين قومي پوليو مهم جو افتتاح نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر تحت اسلام آباد جي علائقي راول ٽائون ۾ واقع هڪ بنيادي صحت مرڪز ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي سفر جي هن اهم مرحلي ۾ هيءَ قومي مهم غير معمولي اهميت رکي ٿي. افتتاحي تقريب جي خاص مهمان عائشه رضا فاروق هئي، جڏهن ته ڪينيڊا جو هاءِ ڪمشنر اسد علي به ان موقعي تي موجود هو. تقريب دوران عائشه رضا فاروق ۽ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر اسد علي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته قومي پوليو مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي عائشه رضا فاروق چيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي. هن فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي قربانين ۽ اڻٿڪ محنت کي ساراهيندي چيو ته انهن جي ڪري ئي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي راهه هموار ٿي رهي آهي. تقريب ۾ صحت جي عالمي اداري ۽ يونيسيف جي ڪنٽري نمائندي به شرڪت ڪئي. عائشه رضا فاروق پوليو خلاف جدوجهد ۾ ڪينيڊا جي ڊگهي ۽ قيمتي ڀائيواري کي ساراهيندي چيو ته ان سهڪار ٻارن جي صحت ۽ حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ڪينيڊا جي حڪومت طرفان جاري سهڪار تي ٿورو به مڃيو.











