وزيراعظم پاران ملڪ جي تاريخ ۽ ثقافت جي خوبصورتي کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور

لاهور- 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي تاريخ ۽ ثقافت جي خوبصورتي کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم سان اٽلي جي شهر وينس ۾ مئي کان نومبر 2026ع تائين منعقد ٿيندڙ تاريخي آرٽ نمائش "61 هين وينس بيانالي 2026ع" ۾ پاڪستاني پويلين جي ٽيم ملاقات ڪئي. …

لاهور- 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي تاريخ ۽ ثقافت جي خوبصورتي کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم سان اٽلي جي شهر وينس ۾ مئي کان نومبر 2026ع تائين منعقد ٿيندڙ تاريخي آرٽ نمائش "61 هين وينس بيانالي 2026ع” ۾ پاڪستاني پويلين جي ٽيم ملاقات ڪئي. مُلاقات ۾ نجم سيٺي، پويلين جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستان جي مشهور آرٽسٽ فائزه بٽ، پويلين جي ڪيوريٽر بيٽريز ڪوفينٽس فليڪانو ۽ پاڪستان پويلين ڪمشنر ڊاڪٽر يعقوب خان بنگش شرڪت ڪئي. پاڪستان پويلين ٽيم وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن سال وينس ۾ نمائش ۾ پاڪستان جو روايتي فن، ان جي جماليات ۽ خوبصورتي کي سڄي دنيا مان آيل مهمانن ۽ سياحن کي ڏيکاريو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مئي کان نومبر 2026ع تائين، پاڪستان پويلين جي تحت ڪيترائي پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جيڪي پاڪستان جي ثقافت ۽ فن جي مختلف رُخن بابت سڄي دنيا مان آيل مهمانن کي آگاهي ڏيندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 1895ع ۾ شروع ٿيل وينس بيانالي دنيا جي سڀ کان قديم ۽ سڀ کان وڏي آرٽ نمائش آهي، جيڪا پنهنجي تنوع ۽ تخليقي صلاحيتن جي اظهار جي لحاظ کان منفرد آهي. وزيراعظم ٽيم جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستاني تاريخ ۽ ثقافت جي خوبصورتي ۽ ان جي تنوع ۽ شموليت جي عنصرن کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان پويلين جي افتتاح جي دعوت پڻ ڏني.

مزید خبریں