سيڪيورٽي ادارا ڀارتي پراڪيسز جو خاتمو ڪري ساهه کڻندا، ڪي پي ڪي حڪومت جو ڪم صرف احتجاج ۽ اڊيالا جيل ٻاهر ويهڻ آهي: عطاءُ الله تارڙ

لاهور-01 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جنگ ۾ شڪست تي ڀارت کي سخت تڪليف آهي، سيڪيورٽي ادارا ڀارتي پراڪسيز جو خاتمو ڪري ساهه پٽيندا، ڪي پي ڪي حڪومت بي عقل موج اندر مبتلا آهي، انهن جو ڪم صرف احتجاج ۽ اڊيالا ٻاهر ويهڻ آهي، کين صوبي ۾ صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر تي توجهه ڏيڻ جو بلڪل احساس ناهي، هي …

لاهور-01 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جنگ ۾ شڪست تي ڀارت کي سخت تڪليف آهي، سيڪيورٽي ادارا ڀارتي پراڪسيز جو خاتمو ڪري ساهه پٽيندا، ڪي پي ڪي حڪومت بي عقل موج اندر مبتلا آهي، انهن جو ڪم صرف احتجاج ۽ اڊيالا ٻاهر ويهڻ آهي، کين صوبي ۾ صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر تي توجهه ڏيڻ جو بلڪل احساس ناهي، هي اڃا تائين ڪي پي ڪي ۾ ڪو به هڪ ڪم نه ڪري سگهيا، ڪي پي ڪي حڪومت ٻُڌائي ته تيراه واديءَ لاءِ ڏنل 4 ارب رپيا ڪٿي آهن؟ ۽ باڙا جو سياسي اتحاد چئي رهيو آهي ته بدانتظامي ۽ بدعنواني ٿي آهي، گورنر راڄ جو آئيني آپشن هر حڪومت کي ميسر هوندو آهي پر ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ان جي نوبت نه اچي. ڪي پي ڪي حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن لاهور جي تڪ اين اي 127 ۾ والٽن روڊ قينچي بازار ۽ چؤرنگي امر سڌو ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي آفيس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان ۾ فتنه الهندستان طرفان بزدلاڻا حملا ڪيا ويا ۽ هڪ منظم سازش تحت بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان سيڪيورٽي فورسز، پاڪ فوج، پوليس ۽ بلوچستان حڪومت کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو جن 80 کان وڌيڪ دهشتگردن کي جهنم موڪليندي ڀرپور طريقي سان دهشتگردن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته ملڪي سلامتيءَ جي تحفظ لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز شهادت جي جذبي سان سرشار ٿي هر وقت تيار رهي ٿي، دهشتگرد 12 شهرن ۾ دهشتگرديءَ جو اِرادو رکندا هئا پر اسان جي سيڪيورٽي فورسز مهارت ۽ هميشه وانگر قربانيءَ جي جذبي ۽ جان جي پرواهه نه ڪندي ڀرپور مقابلو ڪيو جنهن سان بلوچستان وڏي نقصان کان بچي ويو جنهن تي مان پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. وفاقي وزير چيو ته ان دهشتگردن کي ڀارت کان مدد ملي ٿي ۽ اها ڳالهه سج جي روشنيءَ جيان چِٽي آهي ته ڪهڙيءَ طرح انڊين ميڊيا تي بلوچستان بلوچستان چيو وڃي ٿو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو پڪڙيو ويو ته ان جا پيرا هندستان سان مليا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪمل طور ان صورتحال کان آگاهه آهي ۽ سيڪيورٽي ادارن سان رابطي ۾ رهيو. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ان شاءَ الله تعاليٰ دهشتگرديءَ کي پاڙان پٽي اُڇلائي ڦٽو ڪنداسين. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج حق جي ويڙهه ۾ فتح حاصل ڪئي. ڀارت کي ان جي تمام گهڻي تڪليف آهي ۽ هو هاڻ پراڪسي وار ذريعي پاڪستان تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته مان ڀارت کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته جڏهن تو سڌيءَ ريت پاڪستان تي حملو ڪيو ته اسان توکي اهو سبق سيکاريو جيڪو توکي هميشه ياد رهندو. هن چيو ته پاڪ فوج ملڪي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت کي عوام جي ڪا پرواهه ناهي. ڪي پي ڪي حڪومت بي عقل موج اندر مبتلا آهي، اڃا تائين هي ڪي پي ڪي ۾ ڪو هڪ به ڪم نه ڪرائي سگهيا، کين صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر طرف توجهه ڏيڻي آهي. ڪي پي ڪي جا ترجمان ٽي وي تي ويهي زبان درازي ڪن ٿا پر ڪارڪردگي بلڪل ٻڙي آهي. هن چيو ته کين پنجاب کان سکڻ گهرجي جتي وزيراعليٰ مريم نواز نمايان ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ٻوڏ آئي ته پنجاب جي وزيراعليٰ پاڻ متاثرن جي مدد لاءِ پهتي، سندس چوڻ هو ته جڏهن محمد شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو تڏهن به وڏا وڏا منصوبا شروع ڪيا ويا، مان چوان ٿو ته اوهان کي پنجاب کان سکڻ گهرجي ته ڪهڙيءَ طرح عوام جي خدمت ڪئي وڃي ٿي، جڏهن پنجاب ۾ محمد شهباز شريف وڏو وزير هو ته پي ڪي ايل آءِ اسپتال، راولپنڊي ڪارڊيولاجي اسپتال ۽ اورينج لائين ٽرين، فرانزڪ ليب، سي ٽي ڊي سميت ڏکڻ پنجاب جي اسپتالن تائين پراجيڪٽس ٺهيا، جڏهن مريم نواز ان عوامي خدمت جو سفر جاري رکيو پئي اچي ۽ عوامي خدمت جو رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت کي ڳالهين کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي. هن چيو ته عوام ڪي پي ڪي حڪومت کي اربين رپيا ڏئي ٿي پر پي ٽي آءِ جو ڪم صرف احتجاج ۽ اڊيالا ٻاهر ويهڻ آهي، ان کي عوام سان ڪو ڳانڍاپو ناهي. وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت ٻُڌائي ته تيراه لاءِ ڏنل 4 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا؟ باڙا جو سياسي اتحاد چئي رهيو آهي ته بدانتظامي ۽ بدعنواني ٿي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن تيراه جي ماڻهن تي فتنه الخوارج جا دهشتگرد حملي آور ٿين ٿا ته پاڪ فوج انهن جو مقابلو ڪري ٿي، جڏهن به ماڻهن کي مدد گهربل هوندي آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت غائب ٿي ويندي آهي، ان کي بلڪل احساس ناهي ته انهن ماڻهن جي صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر سميت لا اينڊ آرڊر تي توجهه ڏيڻي آهي، هر سال انهن کي ڪائونٽر ٽيررزم لاءِ اربين رپيا ڏنا وڃن ٿا پر اڃا تائين هي سي ٽي ڊي به نه بڻائي سگهيا، پشاور ۾ سيف سٽي ڪئميرائون ۽ نه ئي فرانزڪ ليب بڻجي سگهيون، ڪي پي ڪي جو عوام ان شاءَ الله تمام جلد انهن جو احتساب ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته گورنر راڄ آئيني آپشن آهي، هر حڪومت کي اها ميسر هوندي آهي پر ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ان جي نوبت نه اچي. ڪي پي ڪي حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني جو معمولي علاج ٿيو، پي ٽي آءِ باني جي رضامنديءَ سان ان جو طبي علاج ڪيو ويو ۽ صحت بهتر ٿيڻ کانپوءِ کيس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

مزید خبریں