پاڪستان قومي ۽ عالمي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي امن ۽ تفهيم ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان قومي ۽ عالمي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي امن ۽ تفهيم ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، اسان جو ملڪ مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ نسلي جدت سان مالامال معاشرو آهي، اسان جو آئين سمورن شهرين کي مذهب يا عقيدي کان قطع نظر، مذهبي آزادي ۽ برابريءَ جا حق …

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان قومي ۽ عالمي سطح تي بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي امن ۽ تفهيم ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، اسان جو ملڪ مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ نسلي جدت سان مالامال معاشرو آهي، اسان جو آئين سمورن شهرين کي مذهب يا عقيدي کان قطع نظر، مذهبي آزادي ۽ برابريءَ جا حق ڏيڻ جي ضمانت ڏئي ٿو. ايوانِ صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب بين المذاهب هم آهنگيءَ واري عالمي هفتي جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي عالمي هفتو جيڪو (اڄ) پهرين فيبروريءَ کان 7 فيبروريءَ تائين ملهايو پيو وڃي، جي موقعي تي مان پاڪستان جي عوام ۽ عالمي برادريءَ کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هي موقعو اسان کي ان گڏيل قدرن جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ امن، همدردي، گڏيل احترام ۽ گڏيل بقا شامل آهن، جيڪي سمورن مذهبن، نظام ۽ عقيدن جا اثاثا آهن. صدر زرداري چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو معاشرو آهي جيڪو مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ نسلي جدت سان مالامال آهي، اسان جو آئين سمورن شهرين کي مذهب ۽ عقيدي کان مٿانهون ٿي مذهبي آزادي ۽ برابريءَ جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. اهي اصول پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جي ويزن جي عڪاسي ڪن ٿا، جن رواداري، اتحادي ۽ هم آهنگيءَ کي پاڪستاني قوم جو بنياد قرار ڏنو. هن عالمي هفتي ۾ اسان کي ان قدرن سان پنهنجي اجتماعي، وابستگيءَ جي تجديد جا اهم موقعا فراهم ڪري ٿو. بين المذاهب تفهيم جو سڌيءَ ريت تعلق عام شهرين جي روزاني زندگيءَ سان آهي جتي هم آهنگي هجي ٿي اتي ٻار بنا خوف جي اسڪول وڃن ٿا، عبادتگاهون محفوظ ۽ کُليل رهن ٿيون. پاڙا اعتماد سان خوشي خوشي رهن ٿا ۽ روزگار باوقار انداز ۾ ملي ٿو ۽ برقرار رکيو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ عدم برداشت ۽ تقسيم سماجي زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿي. مقامي معيشتن تي ناڪاري دٻاءُ وجهي ٿي ۽ تحفظ جي احساس کي ڪمزور ڪري ٿي جنهن تي خاندان دارومدار رکن ٿا، ان ڪري مذهب جو احترام ۽ ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ ۾ اڪيلو اصول ناهي پر سماجي استحڪام ۽ فلاح بهبود لاءِ هڪ عملي ضرورت آهي. تڪرارن، ورڇ ۽ وڌندڙ عدم برداشت جي ان دؤر ۾ بين المذاهب  رابطو پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اهم ٿي چڪو آهي. مختلف مذهبن جي پيروڪارن وچ ۾ بامعنيٰ رابطا، تعليم ۽ تعصب واريون ڳالهيون ۽ غلط فهمين جي ازالي لاءِ اڻٽر آهن. صدر زرداري چيو ته اخلاقي اهميت سان گڏوگڏ بين المذاهب هم آهنگي، سماجي يڪجهتي، پائيدار امن ۽ گڏيل ترقي لاءِ به بنيادي حيثيت رکي ٿي. اسلام، ٻين عظيم مذهب وانگر عدل، پُرامن سهڪار ۽ انساني وقار جي احترام جو درس ڏئي ٿو. شفقت، مهرباني ۽ رواداري جهڙا قدر سمورن مذهبي روايتن ۾ هڪجهڙا آهن، اسان کي ياد ڏياري ٿي ته اسان جي گڏيل انسانيت اسان جي اختلافن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي. هر قسم جي انتهاپسندي کي رد ڪندي ۽ گڏيل تفهيم کي هٿي ڏئي اسان پنهنجي معاشرن ۾ اعتماد ۽ يڪجهتي کي مضبوط بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته مان ان مذهبي اڳواڻن، عالمن، استادن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ نوجوانن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جيڪي برادرين وچ ۾ ڳالهين ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سندن خدمتون، احترام کي هٿي وٺرائڻ، نفرت جي ازالي ۽ ايندڙ نسلن جي رهنمائيءَ ۾ نهايت اهم آهن ته جيئن هو مختلف طاقت جي سرچشمي طور ڏسي سگهن. اسان بين المذاهب هم آهنگي جي قدرن جي تحفظ، اقليتن جي حقن جي پاسداري ۽ هڪ پُرامن دنيا لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جي تجديد ڪريون. دُعا آهي ته هي هفتو بامعنيٰ عمل، باخبر ڳالهين ۽ گڏيل احترام طرف مائل ڪري. پاڪستان قومي ۽ عالمي سطح تي بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ، عالمي امن ۽ تفهيم ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ سان پُرعزم آهي.

مزید خبریں