آمدني واپار ڪندڙ پنهنجي آمدني واپار جو شيڊول اڳواٽ شيئر ڪن: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته اڳواٽ رٿابندي سان بندرگاهي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو، آمدني واپار ڪندڙ پنهنجي آمدني واپار جو شيڊول اڳواٽ شيئر ڪن. سامونڊي معاملن واري وزارت موجب غذائي جنسن جو آمدني واپار ڪندڙن لاءِ پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته رمضان ۾ کاڄرو تيل ۽ ضروري غذائي شين جي طلب ۾ نمايان …

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته اڳواٽ رٿابندي سان بندرگاهي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو، آمدني واپار ڪندڙ پنهنجي آمدني واپار جو شيڊول اڳواٽ شيئر ڪن. سامونڊي معاملن واري وزارت موجب غذائي جنسن جو آمدني واپار ڪندڙن لاءِ پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته رمضان ۾ کاڄرو تيل ۽ ضروري غذائي شين جي طلب ۾ نمايان اضافو ٿيندو آهي، بندرگاهن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ آمدني واپار ڪرڻ جي حڪمت عملي وقت سر ترتيب ڏني وڃي، پاڪستاني بندرگاهون پهرين اچو ۽ پهرين حاصل ڪيو واري اصول تي يقين رکن ٿيون. جنيد انوار چوڌري چيو ته جهازن ۽ ڪارگو جي برٿنگ ۾ دير بندرگاهن تي رَش جو سبب بڻجي ٿي. آمدني واپار ڪندڙ پنهنجو آمدني واپار جو شيڊول اڳواٽ شيئر ڪن. وفاقي وزير چيو ته اڳواٽ رٿابندي سان بندرگاهي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي گڏيل سهڪار سان غذائي شين جي وقت سر فراهمي ممڪن آهي. جنيد انوار چوڌري چيو ته رمضان ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائن قومي ذميواري آهي، رمضان کان اڳ غذائي جنسن جو اڳواٽ آمدني واپار ڪرڻ ضروري آهي، آخري وقت ۾ آمدني واپار بندرگاهن تي غير ضروري دٻاءُ جو سبب بڻجندو آهي.

مزید خبریں