قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي دهشتگرد حملن جي مذمت

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي آهي. هن حملن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 15 جوانن ۽ 18 معصوم شهرين جي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ سردار اياز صادق دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائيندي 163 کان …

اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي آهي. هن حملن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 15 جوانن ۽ 18 معصوم شهرين جي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ سردار اياز صادق دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائيندي 163 کان وڌيڪ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن شهدين جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ گهري رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم شهرين ۽ فورسز تي حملو ڪندڙ شرپسند عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن. سردار اياز صادق چيو ته دهشتگرد امن ۽ انسانيت جا دشمن آهن، انهن جو ڪو به مذهب ناهي. هن چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون ۽ پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردن خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ٻن ڏينهن جي آپريشن ۾ 163 دهشتگردن کي مارڻ فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن دشمن عنصرن خلاف رياستي ڪارروائيون جاري رکيون وينديون. هن چيو ته قوم شهيدن جي پونيئرن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ شهيدن جي خاندانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحيابي لاءِ دعا به ڪئي.

مزید خبریں