اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪورٽس جرنلسٽس ايسوسي ايشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب سينيٽر اعظم نذير تارڙ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته شفاف چونڊن جو عمل صحافتي ادارن جي مضبوطي جي نشاني آهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالتي رپورٽنگ ۾ ديانت، توازن …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران ڪورٽس جرنلسٽس ايسوسي ايشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪورٽس جرنلسٽس ايسوسي ايشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب سينيٽر اعظم نذير تارڙ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته شفاف چونڊن جو عمل صحافتي ادارن جي مضبوطي جي نشاني آهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالتي رپورٽنگ ۾ ديانت، توازن ۽ ذميواري ڪورٽ جرنلسٽس جي سڃاڻپ آهي. هن ان ميد جو اظهار ڪيو ته نئين قيادت صحافين جي حقن جي تحفظ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورٽ رپورٽرز انصاف جي فراهمي واري عمل کي عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.











