صدر پاران بلوچستان ۾ امن لاءِ خطرن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي جي واکاڻ

اسلام آباد -31 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ امن لاءِ خطرن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته رياست پرڏيهي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دشمن عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف پوري طاقت ۽ يڪجهتي سان ڪارروائي جاري رکندي. ڇنڇر ڏينهن صدر آفيس جي ميڊيا ونگ موجب صدر فتنه الهندستان جي دهشتگردن پاران ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيل دراندازي جي …

اسلام آباد -31 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ امن لاءِ خطرن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته رياست پرڏيهي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دشمن عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف پوري طاقت ۽ يڪجهتي سان ڪارروائي جاري رکندي. ڇنڇر ڏينهن صدر آفيس جي ميڊيا ونگ موجب صدر فتنه الهندستان جي دهشتگردن پاران ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيل دراندازي جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشه وراڻين مهارتن جي واکاڻ ڪئي. صدر آپريشن دوران پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ معصوم شهرين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته بلوچستان جي امن، ان جي شهرين جي سلامتي ۽ قومي اتحاد تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ رياست پرڏيهي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دشمن عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف پوري طاقت ۽ يڪجهتي سان ڪارروائي جاري رکندي.

مزید خبریں