سامونڊي معاملن جي وفاقي وزير پاران قومي تعليمي نظام ۾ سامُونڊي شعور کي باقاعدي طور تي شامل ڪرڻ تي زور

اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن جي وفاقي وزير محمد جنيد انور چوڌري قومي تعليمي نظام ۾ سامُونڊي شعور کي باقاعدي طور تي شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي پاڪستان جي سامُونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۾ فعال ڀائيوار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن تعليم ۽ پيشه وراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي سامُونڊي تعليم، آگاهي …

اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن جي وفاقي وزير محمد جنيد انور چوڌري قومي تعليمي نظام ۾ سامُونڊي شعور کي باقاعدي طور تي شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي پاڪستان جي سامُونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۾ فعال ڀائيوار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن تعليم ۽ پيشه وراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي سامُونڊي تعليم، آگاهي ۽ پائيدار سامُونڊي انتظام ۾ نوجوانن جي شموليت وڌائڻ سان لاڳاپيل حڪمت عملين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڇنڇر تي سامُونڊي معاملن جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، وفاقي وزير بحري خواندگي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سمنڊن کي سمجهڻ هاڻي هڪ آپشن ناهي پر موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، پائيدار ترقي ۽ سامُونڊي  وسيلن جي ڊگهي مدت جي تحفظ لاءِ اڻٽر آهي. تعليم نوجوانن کي سامُونڊي تحفظ ۽ بليو معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي. جنيد انور چوڌري سامُونڊي تعليم کي گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدف 4.7 سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو، جنهن تحت پائيدار ترقي لاءِ تعليم کي فروغ ڏنو ويندو آهي.

مزید خبریں