وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو دورو

اسلام آباد/ ڪراچي -31جنوري (اي پي پي)  وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ٻن ڪلاڪن جو ڊگهو دورو ڪيو ۽ ڪائونٽرز تي اميگريشن پراسيس جو جائزو ورتو. گهرو وزارت موجب ان دوران گهرو وزير محسن نقوي پرڏيهه ويندڙ مسافرن سان مليو ۽ اميگريشن پراسيس بابت پڇاڻو ڪيو. هن سعودي عرب ويندڙ ڪجهه مسافرن جا سفري دستاويز چيڪ ڪيا. گهرو وزير ايف آءِ اي اختيارن کان ڪجهه مسافرن …

اسلام آباد/ ڪراچي -31جنوري (اي پي پي)  وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ٻن ڪلاڪن جو ڊگهو دورو ڪيو ۽ ڪائونٽرز تي اميگريشن پراسيس جو جائزو ورتو. گهرو وزارت موجب ان دوران گهرو وزير محسن نقوي پرڏيهه ويندڙ مسافرن سان مليو ۽ اميگريشن پراسيس بابت پڇاڻو ڪيو. هن سعودي عرب ويندڙ ڪجهه مسافرن جا سفري دستاويز چيڪ ڪيا. گهرو وزير ايف آءِ اي اختيارن کان ڪجهه مسافرن جي سفري دستاويزن جي تصديق به ڪرائي. ان دوران ڪجهه مسافرن سوالن جا درست جواب ڏيڻ کان قاص رهيا ۽ پنهنجي ملازمت بابت به صحيح ڄاڻ نه ڏئي سگهيا. گهرو وزير  اڻپورا دستاويز رکندڙ 3 مسافرن کي روڪيندڙ ايف آءِ اي جي ايس آءِ عامر لاشاري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته عامر لاشاري فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. محسن نقوي چيو ته اهڙن باصلاحيت ايف آءِ اي جا ملازم اسان جو سرمايو آهن. محسن نقوي چيو ته اڻپورا ۽ بنا تصديق ٿيل دستاويز رکندڙ مسافرن کي ڪنهن به صورت ۾ سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته مسافرن جي آڙ ۾ پيشيور پينو فقيرن کي هرگز سفر جي اجازت نه ڏني ويندي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي عزت سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي، جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي به آڱر کڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته درست دستاويز رکندڙ ڪنهن مسافر کي سفر کان نه روڪيو ويو آهي ۽ نه ئي روڪيو ويندو. وفاقي وزير  چيو ته پاڪستان جي وقار کي بلند ۽ مسافرن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ اولين ترجيح آهي. ريجنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي به ان موقعي تي ساڻس گڏ هو.

مزید خبریں