عمران احمد خان نيازي کي اک جي علاج لاءِ پمز اسپتال آندو ويو: ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پمز عمران سڪندر جو ويڊيو پيغام

اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) پمز جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر عمران سڪندر چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران احمد خان نيازي کي اک جي علاج لاءِ پمز اسپتال آندو ويو جتي هن جو علاج سندس رضامندي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو. پمز جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر عمران سڪندر پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ 74 سالن جي عمران احمد خان نيازي جي ساڄي اک جي ڏسڻ جي …

اسلام آباد-31 جنوري (اي پي پي) پمز جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر عمران سڪندر چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران احمد خان نيازي کي اک جي علاج لاءِ پمز اسپتال آندو ويو جتي هن جو علاج سندس رضامندي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو. پمز جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر عمران سڪندر پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ 74 سالن جي عمران احمد خان نيازي جي ساڄي اک جي ڏسڻ جي سگهه متاثر ٿيڻ تي پمز اسپتال جي سينيئر ۽ ڪواليفائيڊ اپٽامالاجسٽ ڊاڪٽرز اڊياله جيل ۾ تفصيلي طبي معائنو ڪيو جنهن ليب ٽيسٽس، انڊو اسڪوپي سميت ٻيون ليباريٽري ٽيسٽون به شامل هيون. هن چيو ته طبي معائني ۽ سمورن تفصيلي ٽيسٽن بعد ڊاڪٽرز سندس اسپتال ۾ علاج جي سفارش ڪئي، ڊاڪٽرز جي هدايت مطابق عمران احمد خان نيازي کي گذريل ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پمز اسپتال آندو ويو. هن چيو ته اسپتال ۾ سندس اک جي علاج (اينٽي وي اي جي اي ايف انجيڪشن) ۽ ان جي طريقي ڪار بابت مريض کي سموري تفصيل کان آگاهه ڪيو ويو. عمران سڪندر چيو ته مريض جي رضامندي هاصل ڪرڻ بعد آپريشن ٿيٽر ۾ سمورا انتظام ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي اٽڪل 20 منٽن دوران اهو عمل مڪمل ڪيو ويو ۽ ان دوران مريض مڪمل طور تي صحتمند هو. هن چيو ته بعد ۾ کيس ان حوالي سان هدايتون، فالو اپ ايڊوائس ۽ ٻين ڊاڪومينٽس سان اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو.

مزید خبریں