وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاران روانڊا هاءِ ڪميشن جي انتظام هيٺ تقريب ۾ شرڪت

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اسلام آباد ۾ جمهوريه روانڊا جي هاءِ ڪميشن جي انتظام هيٺ رٿيل تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب پاڪستان ۽ روانڊا وچ ۾ ڪاروبار، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ رٿي وئي، جنهن ۾ روانڊا جو واپار ۽ صنعت واري وزير پرودنس سيباحيزي به شريڪ هو، جيڪو هن وقت …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اسلام آباد ۾ جمهوريه روانڊا جي هاءِ ڪميشن جي انتظام هيٺ رٿيل تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب پاڪستان ۽ روانڊا وچ ۾ ڪاروبار، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ رٿي وئي، جنهن ۾ روانڊا جو واپار ۽ صنعت واري وزير پرودنس سيباحيزي به شريڪ هو، جيڪو هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دؤري تي آهي. وفاقي وزير، روانڊا جي وزير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهي اقتصادي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ روانڊا هاءِ ڪميشن جي فعال ڪردار کي ساراهيو. ڌُرين ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۾ سهڪار ۽ نجي شعبي جي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قيصر احمد شيخ راونڊا ۾ سيڙپڪار دوست ماحول ۽ اُڀرندڙ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ به سيڙپڪارن جي سهولت، ڪاروبار ۾ آساني ۽ جٽادار ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انهي ئي نوعيت جا ضابطه جاتي ۽ پاليسي سڌارا جاري آهن. وفاقي وزير روانڊا جي وفد ۽ ڪاروباري ماڻهن کي پاڪستان جي خاص اقتصادي زونز بابت بريفنگ ڏني جتي شعبي جاتي مراعتون، جديد انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن بزنس فيسيليٽيشن سينٽر جي ڪردار تي به روشني وڌي، جيڪو ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪرڻ وارو هڪ اثرائتو پليٽ فارم آهي. تقريب ۾ ڪاروباري برادري جي ناليوارن شخصيتن شرڪت ڪئي جيڪي پاڪستان ۽ راونڊا وچ ۾ اقتصادي ناتن کي هٿي ڏيڻ ۾ نجي شعبي جي گهري دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿي. وفاقي وزير روانڊا جي واپار واري وزير کي وڌيڪ رابطن ۽ اداري جاتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي دؤري جي باضابطه دعوت ڏني. رونڊا طرفان تقريب ۾ راونڊا بابت هاءِ ڪمشنر هريريمانا فاتو، روانڊا جو واپار وارو وزير، ڊائريڪٽر جنرل (ٽريڊ اينڊ انڊسٽري) NAEB ڊورين نتويباسا ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر NAEB ڪلاڊبيز يمانا شريڪ هئا. وفاقي وزير جي قيادت ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ عالمي اقتصادي ڀائيوارن کي مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل مفادن تي ٻَڌل واپار ۽ـ سيڙپڪاري جي موقعن جي فراهمي لاءِ مڪمل طور تي پُرعزم آهي.

مزید خبریں