اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان جو آءِ ٽي شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، حڪومت نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان سنوارڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هوءَ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. وفاقي وزر چيو ته موجوده …
حڪومت نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان سنوارڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان جو آءِ ٽي شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، حڪومت نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان سنوارڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هوءَ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. وفاقي وزر چيو ته موجوده دؤر ۾ سڄي دنيا جو نظام تيزيءَ سان ٽيڪنالاجي طرف منتقل ٿي چڪو آهي ۽ موبائل فونز، ليپ ٽاپس ۽ ڪمپيوٽر جهڙيون ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڊوائيسز غير معمولي اهميت اختيار ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن لاءِ ليپ ٽاپ پروگرام ۽ ٻيون اسڪالرشپس کي خرچ نه پر هڪ سيڙپڪاري سمجهي ٿو جيڪا سڌيءَ ريت نوجوانن تي جاري آهي، نوجوانن ۽ ٻارن تي ڪيل سيڙپڪاريءَ وڌيڪ منافعو ڏيندڙ سيڙپڪاري آهي. شزه فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون جيڪو تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي وزارتن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائي رهيو آهي ته بجيٽ جي حدن باوجود قومي هدف متاثر نه ٿين. وفاقي وزير چيو ته اها حڪومتي معاونت ان عزم جو مظهر آهي جيڪو ملڪ پنهنجي نوجوانن لاءِ رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان جا تعليم يافته نوجوان روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه وڃن ٿا ته هو پاڪستان جا سفير هوندا آهن ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته کين هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سگهن. هن چيو ته 13-2012ع ۾ جڏهن شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو ان وقت ڊجيٽلائزيشن تي اڄ جهڙو زور نه هو جڏهن ته وقت جي اهميت کي سمجهندي ليپ ٽاپ پروگرام جي شروعات ڪئي وئي، اهڙيءَ طرح 2013ع ۾ محمد نواز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ وفاقي سطح تي يوٿ پروگرام شروع ڪيا ويا. هن ٻُڌايو ته 2013ع ۾ وفاقي سطح تي پهريون ڀيرو ليپ ٽاپ پروگرام مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي شروع ڪيو ويو ۽ 2018ع تائين هزارين ليپ ٽاپ شاگردن ۾ ورهايا ويا. 2018ع کانپوءِ ان پروگرام کي بند ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان کي ٻيهر بحال ڪيو ويو.











