وزيراعظم شهباز شريف پاران آذربائيجان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جو معاهدو حتمي شڪل اختيار ڪرڻ جي ويجهو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جو معاهدو حتمي شڪل اختيار ڪرڻ جي ويجهو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه آذربائيجان جي صدر جي خصوصي اسائنمنٽس جي لاءِ سندس نمائندي خلف خلفوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذربائيجان جي معزز مهمان جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گرمجوشي سان ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ آذربائيجان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن صدر الهام عليوف جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيو جنهن آذربائيجان جو عالمي پروفائيل بلند ڪيو. هن صدر عليوف سان پنهنجي اهم ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جن ۾ گذريل نومبر ۾ باڪو ۾ وڪٽري پريڊ جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات پڻ شامل هئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻئي ڌريون پاڪستان ۾ آذربائيجان پاران 2 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدي کي حتمي  شڪل ڏيڻ جي ويجهو آهن. وزيراعظم صدر عليوف کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم علائقائي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ باقاعدگي سان ۽ ويجهو رابطو قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي صدر جي نمائندي  وزيراعظم کي صدر عليوف جو نيڪ خواهشن وارو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم جي ويزن ۽ قيادت کي ساراهيو جنهن پاڪستان کي نه رڳو اقتصادي محاذ پر سيڪيورٽي ۽ سفارتي ميدان ۾ پڻ تمام گهڻيون ڪاميابيون ڏياريون. هن ٻي ڪاراباخ جنگ دوران آذربائيجان سان مضبوطي سان گڏ بيهڻ تي پاڪستان جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيجان جي پراڻي موقف جو ورجاءُ ڪيو. نمائندي صدر عليوف جو هڪ خط پڻ وزيراعظم جي حوالي ڪيو جنهن ۾ آذربائيجان پاران اسلام آباد ۾ هن مهيني جي شروع ۾ افتتاح ڪيل آسان خدمت مرڪز جي قيام جي لاءِ فراهم ڪيل تعاون تي وزيراعظم جي تعريفي پيغام کي تسليم ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں