اسلام آباد - 30 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم پاران قائم ڪيل اقتصادي سڌارا ڪميٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ غور فڪر جو مرڪز پلاننگ ڊويزن کي سمورين معاشي پاليسين جي لاءِ هڪ مرڪزي ڪليئرنگ هائوس جي طور تي جوڙڻ هو جنهن ۾ معاشي ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ نجي شعبي جي اهم حصيدارن جي شموليت هجي. ان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ وزيراعظم پاران قائم ڪيل اقتصادي سڌارا ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم پاران قائم ڪيل اقتصادي سڌارا ڪميٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ غور فڪر جو مرڪز پلاننگ ڊويزن کي سمورين معاشي پاليسين جي لاءِ هڪ مرڪزي ڪليئرنگ هائوس جي طور تي جوڙڻ هو جنهن ۾ معاشي ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ نجي شعبي جي اهم حصيدارن جي شموليت هجي. ان کانسواءِ مختلف شعبن ۾ سڌارن ۽ اسٽريٽجڪ قدمن جي موثر ۽ ٺوس لاڳو کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جدا پاليسي ۽ ترقياتي ونگز قائم ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئيوئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، ناڻي، توانائي (پاور)، اقتصادي معاملن واري ڊويزن وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، چيف اڪانومسٽ، منصوبابندي واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











