بچاءُ واري وفاقي وزير سان ترڪ هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪ هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سلچوڪ بيرقدار اوغلو گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پُراڻن تاريخي دوستاڻن ناتن ۽ ڀائراڻن رابطن جو ورجاءُ ڪيو جيڪي گڏيل تاريخي قدن ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل آهن. ترڪ چيف آف ڊفينس فورسز خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪ هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سلچوڪ بيرقدار اوغلو گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پُراڻن تاريخي دوستاڻن ناتن ۽ ڀائراڻن رابطن جو ورجاءُ ڪيو جيڪي گڏيل تاريخي قدن ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل آهن. ترڪ چيف آف ڊفينس فورسز خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. معزز مهمان افغانستان سميت خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ترڪيه جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ تڪرارن کان بچاءُ، گڏيل صلاح مشوري ۽ گڏيل ڪاوشن ذريعي اجتماعي سلامتيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. دفاع واري وزير خاص ڪري ڏُکئي وقت ۾ ترڪ قيادت ۽ عوام جي مستقل حمايت ۽ اصولي مؤقف تي دلي شڪريو ادا ڪيو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ رابطي، تحمل ۽ علائقائي ڀائيوارن سان سهڪار ذريعي پاڪستان جي مؤقف جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص ڪري دفاعي ۽ سلامتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جي پڄاڻي پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ دفاعي ڀائيواري کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي گڏيل عزم سان ٿي، جيڪا اسٽريٽجڪ هم آهنگي ۽ خطي ۾ پُراڻي امن ۽ استحڪام جي گڏيل ويزن جي عڪاس آهي.

مزید خبریں