خاص رليف پيڪيج تحت صنعتن لاءِ بجليءَ جي ٽيرف ۾ 4.04 رپيا في يونٽ گهٽائي ڪئي وئي آهي: اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان اعلان ڪيل خاص رليف پيڪيج تحت صنعتن لاءِ بجلي جي ٽيرف ۾ 4.04 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته صنعتي بجلي جي بلن تي مالي بار جيڪو حڪومت جي شروعات ۾ 8.90 رپيا …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان اعلان ڪيل خاص رليف پيڪيج تحت صنعتن لاءِ بجلي جي ٽيرف ۾ 4.04 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته صنعتي بجلي جي بلن تي مالي بار جيڪو حڪومت جي شروعات ۾ 8.90 رپيا في يونٽ هو، هاڻ گهٽ ٿي ٻڙي ٿي ويو آهي. هن چيو ته ان بار جي خاتمي سان وهيلنگ چارجز ۾ به گهٽتائي ايندي جنهن تحت ڪراس سبسڊي مڪينزم ذريعي صنعتن لاءِ سراسري 4.04 رپيا في يونٽ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ صارفين کي هاڻ اٽڪل 11.5 سينٽ في يونٽ جي حساب سان بجلي دستياب هوندي، جنهن سان صنعتي چٽاڀيٽي ۾ واڌ ۽ معاشي ترقيءَ کي هٿي ملڻ جي اميد آهي. وفاقي وزير ان فيصلي جو ڪريڊٽ وزيراعظم جي قيادت کي ڏيندي چيو ته اهو رليف پيڪيج صنعتن جي بحالي ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائيءَ لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي آهي. اويس لغاري ملڪي معيشت جي رُخ تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اهي قدم حڪومت جي وسيع ويزن اُڏام پاڪستان سان هم آهنگ آهن.

مزید خبریں