راولپنڊي-30 جنوري (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي 8 فيبروري تي 9 مئي جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جو پنهنجي ئي حڪومت خلاف احتجاج هڪ انوکو مذاق آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ رٿيل هڪ وڏي عوامي ميڙ کي مهمان طور …
پي ٽي آءِ کي 8 فيبروري تي 9 مئي جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي: امير مقام

مزید خبریں
راولپنڊي-30 جنوري (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي 8 فيبروري تي 9 مئي جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جو پنهنجي ئي حڪومت خلاف احتجاج هڪ انوکو مذاق آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ رٿيل هڪ وڏي عوامي ميڙ کي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جتي پي ٽي آءِ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هزارين ساٿين سميت پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. انجنيئر امير مقام پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ بدانتظامي، ڪرپشن ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي پي ٽي آءِ حڪومت جي سُڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته صوبي جي عوام پي ٽي آءِ جي ڪوڙن وعدن ۽ کوکلن نعرن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام هاڻ استحڪام، ترقي ۽ بهترين حڪمرانيءَ لاءِ (ن) ليگ طرف ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ صوبي جي معيشت کي تباهه، ادارن کي ڪمزور ۽ نوجوانن کي بيروزگاري جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪي پي ڪي جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن ۽ بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته (ن) ليگ تعليم ۽ صحت جي مفت ۽ معياري سهولتن تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته 9 مئي جهڙن واقعن کي ٻيهر ورجائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ۽ 8 فيبروري تي ملڪ بند ڪرڻ جي ڪال کي رد ڪريون ٿا. هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت کي تاريخي ۽ جرئتمنداڻو قرار ڏيندي چيو ته پاڪ فوج اتحاد، پيشيوراڻي مهارت ۽ پُختي عزم سان ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻايو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن پنجاب جي وزيراعليٰ جي قيادت ۾ صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ سڌارن کي تحسين جوڳو قرار ڏنو. هن چيو ته پشتون قوم ملڪ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن پر پي ٽي آءِ پشتون قوم لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته (ن) ليگ اتحاد، ترقي ۽ قومي مفاد جي سياست تي يقين رکي ٿي ۽ سڄي صوبي ۾ هيٺين سطح تائين پارٽيءَکي منظم ۽ مضبوط بڻايو ويندو. آخر ۾ انجنيئر امير مقام مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پارٽي ٽوپيون ۽ مفرلز پهرايا ۽ سندن آجيان ڪئي.











