اسلام آباد - 30 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين سان پاڪستان جي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي غور جي لاءِ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير واپاري تعاون ۾ اضافي، اقتصادي رابطن جي لاءِ نوان موقعا ڳولڻ ۽ پاڪستان – يورپي يونين اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي اهميت …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين سان پاڪستان جي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي غور جي لاءِ اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير واپاري تعاون ۾ اضافي، اقتصادي رابطن جي لاءِ نوان موقعا ڳولڻ ۽ پاڪستان – يورپي يونين اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته جي ايس پي پلس گڏيل طور تي لاڀائتي واپار جي لاءِ هڪ انتهائي اهم فريم ورڪ آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ان جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ، واپار واري سيڪريٽري، انساني حقن ۽ انساني وسيلن ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۽ وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











