اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 2004ع تحت نظرثاني ٿيل ڪنٽرول فهرستون جاري ڪري ڇڏيُون آهن. ايڪسپورٽ ڪنٽرول آن گڊز، ٽيڪنالاجيز، مواد ۽ ائٽمي اوزارن ۽ حياتياتي هٿيارن ۽ انهن جي پهچ نظام بابت ايڪٽ 2004ع تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان حڪومت انهن شين جي نظرثاني ٿيل قومي ڪنٽرول فهرستون جاري ڪري ڇڏيون آهن جن جي برآمد جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي …
پاڪستان پاران ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 2004ع تحت نظرثاني ٿيل ڪنٽرول فهرستون جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 2004ع تحت نظرثاني ٿيل ڪنٽرول فهرستون جاري ڪري ڇڏيُون آهن. ايڪسپورٽ ڪنٽرول آن گڊز، ٽيڪنالاجيز، مواد ۽ ائٽمي اوزارن ۽ حياتياتي هٿيارن ۽ انهن جي پهچ نظام بابت ايڪٽ 2004ع تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان حڪومت انهن شين جي نظرثاني ٿيل قومي ڪنٽرول فهرستون جاري ڪري ڇڏيون آهن جن جي برآمد جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪنٽرول ڊويزن کان برآمدي لائيسنس گهربل هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهي تازه ترين فهرستون گزٽ آف پاڪستان م ايس آر او 13,I)/2025)1977 آڪٽوبر 2025ع تحت شايع ڪيون ويون آهن ۽ ويب سائيٽ www.secdiv.gov.pk تي دستياب آهن. اهي ڪنٽرول لسٽون پهريون ڀيرو 2005ع ۾ جاري ڪيون ويون هيون جن ۾ بعد ۾ 2011ع، 2015ع، 2016ع، 2018ع ۽ 2022ع م ترميمون ڪيون ويون. تازه ترين نظرثاني جو مقصد نيوڪليئر سپلائرز گروپ (اين ايس جي)، ميزائيل ٽيڪنالاجي ڪنٽرول رجيم (ايم ٽي سي آر) ۽ آسٽريليا گروپ (اي جي) پاران برقرار رکيل ڪنٽرول لسٽن سان هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ آهي. اها نظرثاني اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪنٽرول ڊويزن جي باقاعده جائزه عمل جو حصو آهي جيڪو لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن سان مشاورت سان سرانجام ڏنو ويو ته جيئن پاڪستان جي قومي ڪنٽرولز کي جديد، موثر ۽ عالمي معيارن سان هم آهنگ رکي سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهو نوٽيفڪيشن پاڪستان جي ايڪسپورٽ ڪنٽرول نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هڪ ذميوار ٽيڪنالاجي رکندڙ رياست جي طور تي ان جي ڪردار جي توثيق ڪري ٿو جيڪو عدم ڦهلاءُ جي مقصدن ۽ پنهنجي عالمي ذميوارين جي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي.











