ناڻي واري وفاقي وزير جي ايس اي سي پي جي نئين قيادت سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب فنانسنگ جي بنيادي ذريعي طور بئنڪن تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ انشورنس ڪمپنين، اثاثا جاتي مينيجرز، پينشن فنڊز ۽ ريٽيل سيڙپڪارن جي شموليت کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت ڀريو آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي نئين قيادت سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب فنانسنگ جي بنيادي ذريعي طور بئنڪن تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ انشورنس ڪمپنين، اثاثا جاتي مينيجرز، پينشن فنڊز ۽ ريٽيل سيڙپڪارن جي شموليت کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت ڀريو آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي نئين قيادت سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ايس اي سي پي جي چيئرمين ڪبير احمد سڌو ۽ ڪمشنر علي فريد خواجه شريڪ هئا. ناڻي واري وزير جي مرڪزي ٽيم جنهن ۾ قرضه جاتي نظم ۽ ضبط، ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي ۽ ريگوليٽري رابطاڪاري جي نگراني ڪندڙ سينئر آفيسر شامل هئا، به اجلاس ۾ موجود هئا. ايس اي سي پي جي نئين قيادت جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندن وسيع ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽ جو تجربو پاڪستان جي ريگوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽن جي ترقي کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ ترجيحن جي هم آهنگ تعين تي ڌيان ڏنو ويو، جنهن جو مقصد ڪيپيٽل مارڪيٽن کي سگهه ڏيڻ، سرڪاري ۽ نجي شعبن لاءِ مالي وسيلن جي ذريعن کي الڳ بڻائڻ ۽ موثر ضابطاڪاري، جديد انفرا اسٽرڪچر ۽ جامع پاليسي قدمن ذريعي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪرڻ هو. ناڻي واري وزير ڪيپيٽل مارڪيٽس ڊولپمينٽ ڪائونسل تي روشني وڌي جنهن جو مقصد سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪرڻ هو. ناڻي واري وزير ڪيپيٽل مارڪيٽس ڊولپمينٽ ڪائونسل تي روشني وڌي جنهن جا حتمي شرط طئي ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ان جو مقصدد اداره جاتي حدن تائين محدود طريقيڪار مان نڪري هڪ افقي، پوري نظام تي ٻڌل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ايجنڊا ڏانهن اڳڀرائي آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته سندس هدف مختلف مارڪيٽ ادارن ۾ پهريان کان حاصل ٿيل اڳڀرائي مان فائدو کڻڻ ۽ ان خال جي نشاندهي ۽ ازالو ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ ريگوليٽري سڌارا، قانونسازي جي مدد ۽ اداره جاتي رابطاڪاري گهربل آهي. اجلاس ۾ پاڪستان جي قرضه جاتي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ترقي اهم موضوع رهي. ناڻي واري وزير ان ڳاهه تي زور ڀريو ته فنانسنگ جي بنيادي ذريعي طور بئنڪن تي گهٽ ڀاڙيو وڃي ۽ انشورنس ڪمپنين، اثاثا جاتي مينيجرز، پينشن فنڊز ۽ ريٽيل سيڙپڪارن جي شموليت کي سگهه ڏني وڃي جيڪا بهتر اثاثن ۽ رهتن جي نظم ۽ ضبط جي اصولن سان هم آهنگ هجي. فنانس ڊويزن مقامي قرضه جاتي نظم ۽ ضبط کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جاري قدمن تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ فرنٽ، مڊل ۽ بيڪ آفيس جي فعال ۾ بهتري ۽ لائيبيلٽي مينيجمينٽ آپريشنز شامل آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته ايندڙ مرحلي ۾ مارڪيٽ جي گهرائي ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ ايس اي سي پي سان ويجهو تعاون اڻٽر هوندو. شرڪت ڪندڙن مارڪيٽ ۾ رڪاوٽن ۽ ٽياڪڙي لاڳت ۾ گهٽتائي کي اهم ترجيح قرار ڏنو. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته جاري ٿيڻ کان وٺي سيڙپڪاري تائين جي عمل ۾ ڪيترائي وچولا مرحلا لاڳت ۽ دير ۾ اضافو ڪن ٿا، جنهن سان قرضه جاتي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ڪارڪردگي محدود ٿي ويندي آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مارڪيٽ جي ڍانچي کي سادو بڻائڻ، جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي بهتر ڪرڻ ۽ ثانوي مارڪيٽ جي عمل کي مضبوط بڻائڻ قرض وٺندڙن ۽ سيڙپڪارن وچ ۾ بهتر رابطا ۽ پائيدار مارڪيٽ ۾ ترقي لاءِ ضروري آهي. سيڙپڪارن جي آن بورڊنگ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ کي ليڪويڊٽي ۽ شموليت لاءِ اهم عمل طور بحث هيٺ آندو ويو. اجلاس ۾ تيز رفتار، حقيقي معنيٰ ۾ ڊجيٽل اڪائونٽ کولڻ جي عمل، رسڪ تي ٻڌل ڪي واءِ سي ۽ مالياتي ادارن وچ ۾ صارف جي رضامندي سان ڪي واءِ سي جي منتقلي جي ضرورت جو جائزو ورتو ويو. ريٽيل سيڙپڪارن لاءِ مارڪيٽ ۾ داخلا کي آسان بڻائڻ هڪ اهم ترجيح قرار ڏنو ويو. ايس اي سي پي جي قيادت نان بئنڪ فنانشل ڪمپنين، ايس ايم اي فنانسنگ ۽ انشورنس بابت ريگوليٽري فريم ورڪس تي پنهنجي شروعاتي مشاهدن کان آگاهه ڪيو ۽ ان فريم ورڪس کي نئين سر ڏسڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن محتاط نگراني کي برقرار رکندي فنانس تائين پهچ کي هٿي ڏئي سگهجي. ڳالهين ۾ ڪاروباري سرگرمين کي سهولت فراهم ڪرڻ، غير ضروري طريقيڪار جي دير کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ذريعن ذريعي مڪمل ٿيڻ کي هٿي ڏيندڙ ريگوليٽري انداز تي زور ڀريو ويو. ايڪوٽي مارڪيٽ جي حوالي سان اجلاس ۾ آءِ پي او سرگرمي ۾ بهتري جي آثار جي آجيان ڪئي وئي ۽ ايڪوٽي ڪيپيٽل مارڪيٽ ڏي وٺ ۾ شموليت کي وسيع ڪرڻ جي قدمن تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سرمايو گڏ ڪرڻ جي عمل جي مدد ڪندڙ ادارن جي دائري ڪار کي وڌائڻ، چٽاڀيٽي ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته مارڪيٽ انفرا اسٽرڪچر ۾ ايتري صلاحيت هجي ته وڌندڙ جاري ڪرڻ کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سنڀالي سگهجي. اجلاس ۾ متبادل سيڙپڪاري ذريعن کي خاص ڪري انفرا اسٽرڪچر ۽ ٻين ترجيحي شعبن لاءِ نجي سرمايو متحرڪ ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ ان ضرورت جو جائزو ورتو ويو ته باقاعده ضابطه ٿيل فنڊ اسٽرڪچر رڳو غير فعال يا ٽيڪس تي ٻڌل گاڏين تائين محدود نه رهن پر حقيقي سيڙپڪاري سرگرمين ۾ بدلجن. پرائيويٽ ايڪوٽي ۽ وينچر ڪيپيٽل بابت پاليسي ۽ ٽيڪس جا مسئلا به بحث هيٺ آيا جن ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت شامل هئي جيڪي فنڊ جي جوڙجڪ ۽ ڊگهي مدي واري سيرپڪاري جي حوصلا شڪني ڪنديون آهن. حڪومت جي نجڪاري ايجنڊا ۾ عوامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ڪردار تي به غور ڪيو ويو. ڊجيٽل اثاثن ۽ ٽوڪنائزيشن جهڙن اڀرندڙ شعبن ۾ به شروعاتي ۽ تحقيقي روشني ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. فنانس ڊويزن شرڪت ڪندڙن کي ان شروعاتي مرحلي جي ڪم کان آگاهه ڪيو، جيڪو حڪومتي قرض جي ٽوڪنائيزيشن کي هڪ امڪاني استعمال طور جانچي رهيو آهي جنهن جو مقصد سيڙپڪارن تائين پهچ کي سگهه ڏيڻ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي. ڳالهين ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته اميدن کي حقيقت پسنداڻي رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٽوڪنائيزيشن پاڻ سيڙپڪارن جي بنيادي طلب جو متبادل ناهي ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ مضبوط ضابطاڪاري، سيڙپڪارن جي آگاهي ۽ اداره جاتي صلاحيت بنيادي شرط آهن. ناڻي واري وزير مارڪيٽ جي گهرائي ۾ اضافي، سيڙپڪارن جي توسيع، ڏي وٺ جي لاڳت ۾ گهٽتائي، تيز ۽ جلد منظورين ۽ شفاف ۽ چٽاڀيٽي ضابطاڪار تي ٻڌل مقرر وقت تي سڌارن جي ايجنڊا تحت ايس اي سي پي سان ويجهي رابطاڪاري لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايس اي سي پي جي قيادت به فنانس ڊويزن ۽ مارڪيٽ جي ٻين حصيدارن سان گڏجي انهن ترجيحن کي عمل جوڳن سڌارن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پيمائش جوڳا نتيجا حاصل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں