اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته 14 مهينن جي مدي ۾ ناڻي واري وزارت مارڪيٽ ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي ادائيگي جوڳو 3654 ارب روپين جو ملڪي قرض مقرر وقت کان اڳ ادا ڪري ڇڏيو آهي، قرض جي وقت کان اڳ ادائيگي ذريعي عوامي ماليات کي مضبوط بڻائڻ، مالي ساک جي بحالي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي قرضن ۾ …
ناڻي واري وزارت 14 مهينن جي مدي ۾ مارڪيٽ ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي ادائيگي جوڳو 3654 ارب روپين جو ملڪي قرض مقرر وقت کان اڳ ادا ڪري ڇڏيو: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته 14 مهينن جي مدي ۾ ناڻي واري وزارت مارڪيٽ ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي ادائيگي جوڳو 3654 ارب روپين جو ملڪي قرض مقرر وقت کان اڳ ادا ڪري ڇڏيو آهي، قرض جي وقت کان اڳ ادائيگي ذريعي عوامي ماليات کي مضبوط بڻائڻ، مالي ساک جي بحالي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي قرضن ۾ نمايان گهٽتائي ۾ مدد ملي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ هن چيو ته رڳو 14 مهينن جي مدي ۾ ناڻي واري وزارت مارڪيٽ ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي ادائيگي جوڳو 3654 ارب روپين جو ملڪي قرض مقرر وقت کان اڳ ادا ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ کي 300 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي وئي، اها تاريخي ڪاميابي مالي نظم ۽ ضبط، حڪومتي، ساک ۽ ذميواراڻي معاشي انتظام طرف فيصلائتي تبديلي جي عڪاس آهي. خرم شهزاد چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ هڪ هزار ارب روپيا، جون 2025ع ۾ 1160 ارب روپيا، آگسٽ 2025ع ۾ 1160 ارب روپيا، آڪٽوبر 2025ع ۾ 200 ارب روپيا، ڊسمبر 2025ع ۾ 494 ارب روپيا ۽ جنوري 2026ع ۾ 300 ارب روپين جي قرضن جي ادائيگي ڪئي وئي. گذريل ڏينهن ادائيگي کانپوءِ صرف جاري مالي سال (جولاءِ کان جنوري) ۾ ئي 2150 ارب روپين کان وڌيڪ جو قرض وقت کان اڳ ادا ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 44 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي اٽڪل 44 سيڪڙو قرض جي وقت کان اڳ ادائيگي ٿي آهي ۽ قرضن جو ڳاڻيٽو اٽڪل 5500 ارب روپين کان گهٽجي اٽڪل 3000 ارب روپيا رهجي ويو، اهو قرض جيڪو 2029ع ۾ ادا جوڳو هو، اهو ڪيترائي سال پهرين ادا ڪيو ويو. خرم شهزاد چيو ته وقت کان اڳ ادا ڪيل مجموعي قرض ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو تناسب 65 سيڪڙو، ٽريزري بلز 30 سيڪڙو ۽ پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز جو حصو 5 سيڪڙو آهي، قرضن ۾ گهٽتائي جو اهو رجحان مجموعي سرڪاري قرض ۾ به واضح آهي جيڪو جون 2025ع ۾ 80.5 ٽريلين روپين کان وڌيڪ هو ۽ نومبر 2025ع ۾ گهٽجي اٽڪل 80 ٽريلين روپيا هجي ويو. هن چيو ته جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جو ڳاڻيٽو مالي سال 22 ۾ اٽڪل 74 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي گهٽجي 70 سيڪڙو رهجي ويو. هي نظم ۽ ضبط تي ٻڌل قرض حڪمت عملي سان گڏوگڏ مالي بنيادن تي مجموعي بهتري جي نشاندهي ڪري ٿو، ناڻي واري صلاحڪار چيو ته في ڪس قرض جي سنسني خيزي رڳو شور پيدا ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ۽ ان سان حقيقت جي درست عڪاسي نٿي ٿي، جيڪڏهن اهو ئي درست پئمانو هجي ها ته دنيا جون ڪيتريون ئي ترقي يافته معيشتون رڳو في ڪس وڌيڪ قرض جي ڪري مستقل بحران جو شڪار هجن ها. هن چيو ته قرض جي بهتر انتظام لاءِ کنيل قدمن سان ملڪي قرض جو سراسري مدو 2.7 سال کان وڌي 4 سال کان وڌيڪ ٿي ويو، هي هڪ ئي سال ۾ ٿيل سڀ کان وڏي بهتري آهي. ان حڪمت عملي سبب مالي سال 25ع ۾ 850 ارب روپين کان وڌيڪ جي بچت ٿي جڏهن ته مالي سال دوران وڌيڪ 800 ارب روپين کان وڌيڪ بچت جي اميد آهي. خرم شهزاد چيو ته پاڪستان ڏهاڪن تي ٻڌل قرض تي ڀاڙڻ جي رَوِش مان نڪري ادائيگي، خطرن ۾ گهٽتائي ۽ پائيداري جي مالي نظم ۽ ضبط جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، ان جو نتيجو مالي ساک جي بحالي، مضبوط استقلال ۽ هڪ وڌيڪ محفوظ معاشي مستقبل جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي ۽ اها ئي ذميواراڻي معاشي حڪمراني آهي جنهن جو في ڪس قرض جنهن کي گمراهه ڪندڙ ۽ سطحي اهڃاڻ بدران معيار پائيداريت، خطرن ۾ گهٽتائي ۽ مالي مضبوطي آهي.











