قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي 41 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف اثرائتين ڪاررواين دوران 41 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف ڪامياب آپريشنز قوم جي تحفظ ۽ ملڪي سلامتي جي عزم جي عڪاسي آهن، هرنائي ۽ پنجگور ۾ …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف اثرائتين ڪاررواين دوران 41 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف ڪامياب آپريشنز قوم جي تحفظ ۽ ملڪي سلامتي جي عزم جي عڪاسي آهن، هرنائي ۽ پنجگور ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز واکاڻ جوڳا آهن. ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن خلاف ڀرپور ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين قومي ايڪشن پلان ۽ ويزن عزم استحڪام تحت دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.

مزید خبریں