سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران بلوچستان ۾ ڪامياب سيڪيورٽي ڪاررواين تي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته قوم جا نوجوان اسان جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن جيڪي وطن جي دفاع ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته قوم جا نوجوان اسان جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن جيڪي وطن جي دفاع ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ کان نٿا ڪيٻائين، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪاررواين کي اثرائتي انداز ۾ ناڪام بنائي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي ۽ پوري قوم کي پنهنجي بهادر جوانن تي فخر آهي. ڊپٽي چيئرمين چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ 41 دهشتگردن کي مارڻ ان ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهي ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دشمن ۽ دهشتگرد ڌُرين کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن فورسز جي جوانن جي جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ بي مثال قربانن کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں