وزيراعظم پاران برآمد ڪندڙن جي لاءِ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ جي 4.5 سيڪڙو ڪرڻ، بجلي جي ٽيرف ۾ چار رپيا چار پئسا وڌيڪ گهٽتائي، ويلنگ چارجز ۾ 9 رپين جي گهٽتائي سميت نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وڏن روانگي واپارين لاءِ ٻن سالن تائين بليو پاسپورٽس جي مراعتن جو اعلان

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپارين جي لاءِ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ جي شرح 7.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 4.5 سيڪڙو ڪرڻ، بجلي جي ٽيرف ۾ چار رپيا چار پئسا وڌيڪ گهٽتائي، ويلنگ چارجز ۾ 9 رپين جي گهٽتائي سميت نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وڏن روانگي واپارين جي لاءِ ٻن سالن تائين بليو پاسپورٽس جي مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته برآمد …

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپارين جي لاءِ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ جي شرح 7.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 4.5 سيڪڙو ڪرڻ، بجلي جي ٽيرف ۾ چار رپيا چار پئسا وڌيڪ گهٽتائي، ويلنگ چارجز ۾ 9 رپين جي گهٽتائي سميت نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وڏن روانگي واپارين جي لاءِ ٻن سالن تائين بليو پاسپورٽس جي مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته برآمد ڪندڙن جي اڻٿڪ محنت سان ملڪ ۾ اربين ڊالر آيا، معيشت مستحڪم کان پائيدار ترقي طرف گامزن ٿي رهي آهي، معرڪه حق کانپوءِ دنيا ۾ اسان کي مڃيو ويو جيڪي اڳ ۾ سلام نه ڪندا هئا هاڻي گلي لڳائين ٿا، سياسي ۽ عسڪري قيادت ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏمي ڪري رهي آهي، ڪجهه سالن ۾ ملڪي معيشت کي بدلائڻ جي اهليت رکون ٿا، معاشي ڪاميابي جي ڏکئي سفر ۾ ڪاميابي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ نمايان برآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ، ڄام ڪمال، احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، شزه فاطمه خواجه، مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، حنيف عباسي سميت وفاقي وزير، خاص معاونين، صلاحڪار ۽ نمايان برآمد ڪندڙ ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ تقريب ۾ موجود هيون. وزيراعظم نمايان برآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي 2024ع ۽ 2025ع ۾ انهن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ايوارڊ ڏنا. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو سڄي پاڪستان مان آيل ناليواري ڪاروباري شخصيتن کي ڀليڪار چوي ٿو جن ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو ۽ ملڪي برآمدات ۾ نمايان اضافو ڪيو. وزيراعظم چيو ته برآمد ڪندڙن مشڪل حالتن ۾ بهترين ڪم ڪيو، پوري قوم انهن کي مبارڪابد پيش ڪري ٿي، برآمد ڪندڙن جي اڻٿڪ محنت سان ملڪ ۾ اربين ڊالر آيا. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ياد ڏياريو ته ويجهي ماضي ۾ پاڪستان جي ڏيوالپڻو ٿيڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون، ملڪ کي ڏيوالپڻي ٿيڻ کان بچائڻ اسان جي لاءِ وڏو چئلينج هو، حڪومت سنڀالي ته ملڪ جي معاشي صورتحال خراب هئي، آءِ ايم ايف وڏي مشڪل سان پاڪستان جي لاءِ معاشي پروگرام جي منظوري ڏني، حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو جڏهن ته ڪجهه سازشي عنصر ملڪ جي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي اميد ڪري ويٺا هئا پر انهن جا وات کليل جا کليل رهجي ويا. وزيراعظم چيو ته مون آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو ته جيڪي واعدا ڪيا ويندا اهي پورا ٿيندا ڇو ته ماضي ۾ ائين نه ٿيندو هو، ان پروگرام جي ڪري عام ماڻهو ۽ ڪاروباري طبقي کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر انهن جي قربانين جي ڪري ملڪ جيڪو ڊيفالٽ جي ويجهو هو اڄ مستحڪم معيشت سان پائيدار ترقي طرف گامزن آهي، مهانگائي جي شرح ۾ ترتيبوار گهٽتائي اچي رهي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي ساڍا 10 سيڪڙو تي اچي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته فارن ايڪسچينج ريزروز ڊبل ٿي چڪا آهن، ان ۾ بنا ڪنهن شڪ جي دوست ملڪن جا قرض به شامل آهن جنهن جي لاءِ هن ۽ فيلڊ مارشل ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا. وزيراعظم چين، سعودي عرب، يو اي اي، قطر سميت دوست ملڪن جا ٿورا ادا ڪيا جن مشڪل ترين حالتن ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته قرضن سان پاڪستان جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، اسان کي دوست ملڪن جي خواهشن جو خيال رکڻو هوندو آهي ۽ اسان جو ڪنڌ جهُڪي وڃي ٿو ان لاءِ معيشت جو مستحڪم هجڻ ڪافي نه آهي، غربت، بيروزگاري تي ضابطو آڻڻو پوندو، روانگي وڌيڪ وڌائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هو سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري طبقي جي مشڪلاتن کان آگاهه آهن، انهن کي مراعتن جي ضرورت آهي، ڪاروباري طبقي کي مشاورت ۾ شامل ڪيو، 9 سب ڪميٽيون ٺاهيون جن جي سربراهي نجي شعبي کي ڏني، انهن جي مشاورت سان پاليسيون ٺاهيون ۽ فيصلا ڪيا. وزيراعظم چيو ته گڏجي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو، ڪاروباري برادري جو موجوده حڪومت تي اعتماد خوش آئنده آهي، حڪومتي ڪوششن سان مهانگائي هڪ انگ تي اچي چڪي آهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ان جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي، روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي اسان جي ڌيان جو مرڪز آهي. هن يقين ڏياريو ته واپاري برادري کي ڪاروباري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي ۽ دفاعي محاذ تي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته معرڪه حق ۾ فتح کانپوءِ پاڪستان جو دنيا ۾ منفرد مقام بڻجي چڪو آهي، ڀارت کي اهڙي شڪست ڏني آهي جو ان جون نسلون ياد رکنديون، فتح کانپوءِ دنيا اسان کي رشڪ ۽ محبت سان ڏسي رهي اهي، عالمي دورن جي دوران عالمي سربراهن ۽ اڳواڻن جا رويا تبديل ٿيندي ڏٺا آهن، سڄي دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ کي هاڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، معرڪه حق کانپوءِ مختلف ملڪن جا سربراهه جيڪي اڳ ۾ سلام وٺڻ کان به لهرائيندا هئا هاڻي اچي ڀاڪر پائي ملن ٿا، دنيا تي اسان جي اهڙي ڌاڪ ويهي رهي آهي جو هاڻي اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ٿي، سيڙپڪاري جي لاءِ رابطا ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته سفارتي ۽ عسڪري ڪاميابي کانپوءِ معاشي ڪاميابي اهم چئلينج آهي، اهو هڪ ڏکيو سفر آهي جنهن جي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ۽ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ترقي جو سفر  شروع ٿيڻ وارو آهي، روانگي وپار ۽ آمدني واپار ۾ توازن آڻڻو پوندو. وزيراعظم ايوارڊز حاصل ڪندڙن کي ٻن سالن جي لاءِ بليو پاسپورٽ ۽ ايمبيسيڊر ايٽ لارج جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري شفاف انداز ۾ ٿيندي سڀني ڏٺي، شفافيت جي عمل کي يقيني بڻائي نجڪاري ٿيندي، پي آءِ اي جي ترقي جي لاءِ حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي قدمن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پي ڊبليو ڊي ۽ يوٽيلٽي اسٽورز کي ڪرپشن ۽ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري بند ڪيو ويو آهي، پاسڪو کي به ناقص ڪارڪردگي تي بند ڪري ڇڏيو، ادارن ۾ بهتري جي لاءِ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي گهر ويٺي مستحقين کي 16 ارب رپيا رمضان پئڪيج جي مد ۾ ڏنا، هلندڙ سال 40 ارب رپيا سفيد پوش ماڻهن ۾ ڊيجيٽل ادائيگي جي ذريعي ورهائينداسين. وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ آءِ ايم ايف عملدار چوندا هئا ته پاڪستاني حڪومت جيڪو چوي ٿي ڪري نه ٿي ڏيکاري، هاڻي اهي چون ٿا ته اسان ڪري ڏيکاريون ٿا، انهن جا اهي لفظ رڳو منهنجي لاءِ اعزاز نه آهي پر اهي ملڪ جي لاءِ قابل فخر آهن. وزيراعظم صارفين کان وصولي ڪري قومي خزاني ۾ ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙن کي خبردار ڪندي چيو ته انهن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ڪا به معافي نه ملندي، سڀ کان پهرين شگر ملز کان 50 ارب جي ريڪوري ڪئي، سرحدن تان پيٽروليم جي اسمگلنگ بند ٿي چڪي آهي، ماهوار روينيو ۾ اضافو ٿيو، ان سلسلي ۾ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي جنهن سرحدن تي سختي ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي فيصلا ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تماڪ جي صنعت هڪ صوبي ۾ وڌيڪ آهي، اتي ٽيڪس جمع ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ڪري رهيا آهيون. هن ٽيڪسٽائيل، چمڙي ۽ ڊيجيٽل شعبي سميت مختلف وزارتن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي سمورن وزيرن جي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته شزه فاطمه خواجه آءِ ٽي روانگي واپار جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ اويس لغاري جون ڪوششون سڀني جي سامهون آهن، ناڻي وارو وزير معيشت جي استحڪام جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي، خواجه محمد آصف پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ۾ نمايان ڪم ڪيو، حنيف عباسي ريلوي جي بهتري ۽ راولپنڊي ميٽرو جي لاءِ اهم ڪم ڪيو، هو ريل جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، زراعت جي شعبي ۾ راڻا تنوير حسين جو اهم ڪردار آهي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سفارتي محاذ سنڀالي رکيو آهي، جنيد انوار چوڌري سامونڊي معاملن کي کي جديد رخن تي قائم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اطلاعات واري وفاقي عطاءُ الله تارڙ سميت سمورن وزيرن، خاص معاونين ۽ صلاحڪارن جو هڪ هڪ ڪري نالو وٺي شاباس ڏني ۽ چيو ته منهنجي ٽيم جا سمورا ميمبر اڻٿڪ محنت سان ملڪي ترقي جي لاءِ راهون هموار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فيلڊ مارشل جي خصوصي تعاون سان ڪيترن ئي معاملن کي حل ڪيو، سياسي ۽ عسڪري تعاون سان ترقي جا سمورا رستا کلي رهيا آهن، پاڪستان مضبوط ٿيندو. وزيراعظم صنعت جي لاءِ بجلي ٽيرف ۾ 4 رپيا 4 پئسا في يونٽ وڌيڪ گهٽتائي جو اعلان ڪيو. هن برآمد ڪندڙن جي لاءِ ٽيڪس ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته برآمد ڪندڙن جي لاءِ ٽيڪس ساڍا 7 کان گهٽ ڪري ساڍا 4 سيڪڙو تي آڻي رهيا آهيون. وزيراعظم ويلنگ چارجز ۾ گهٽتائي جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ آءِ ايم ايف جي مجبوري هئي ان لاءِ اهو لڳائڻو پيو، ان معاملي کي به آءِ ايم ايف آڏو اٿارينداسين. هن برآمد ڪندڙن جي لاءِ ري فنانسنگ 7.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 4.5 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ان سان برآمد ڪندڙن کي وڏي سهولت ملندي ۽ جن کي فنانس جي ضرورت هوندي آهي اهي ان مان فائدو کڻي سگهندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم جي لاءِ 1052 ارب رپيا رکيا هئا جنهن مان 900 ارب رپيا استعمال ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ان اسڪيم تحت برآمد ڪندڙن کي اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسي ريٽ تحت 3 سيڪڙو جو ريليف حاصل هو جنهن کي هاڻي وڌيڪ گهٽ ڪري 4.5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. هن بئنڪن جي اعليٰ عملدارن تي زور ڏنو ته اهي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي پڻ قرض ڏين. تقريب ۾ موجود حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي تي دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جڏهن ته وزيراعظم لڪي ٽيڪسٽائيل، صوفي انڊسٽريز، نوا ٽيڪسٽائيل، يو ايس اپيرل ٽيڪسٽائيل، آصف رائس ملز، الڪرم ٽيڪسٽائيل، سفائر ٽيڪسٽائيل، غريب سنز رائس ملز، ڊائمنڊ فيبرڪس، رياض ٽيڪسٽائيل، صداقت پرائيويٽ لميٽيڊ، اسٽائيل ٽيڪسٽائيل سميت نمايان برآمد ڪندڙن کي ايوارڊز پڻ ڏنا.

مزید خبریں