وزيراعظم پاران هرنائي ۽ پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۽ ضلعي پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن آپريشنز دوران فتنه الهندستان جي 41 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عزم استحڪام …

اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۽ ضلعي پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن آپريشنز دوران فتنه الهندستان جي 41 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي، اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں