اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) جننگ فيڪٽرين ۾ ڪپهه جي آمد ۾ ساليانو بنيادن تي معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن موجب 15 جنوري تائين جننگ فيڪٽرين ۾ ڪپهه جي 5497000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ٿي، گذريل سال 15 جنوري تائين جننگ فيڪٽرين ۾ 5490000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن موجب 15 جنوري تائين پنجاب جي جننگ فيڪٽرين ۾ 2586000 ڳٺڙين جي …
جننگ فيڪٽرين ۾ ڪپهه جي آمد ۾ ساليانو بنيادن تي معمولي اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) جننگ فيڪٽرين ۾ ڪپهه جي آمد ۾ ساليانو بنيادن تي معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن موجب 15 جنوري تائين جننگ فيڪٽرين ۾ ڪپهه جي 5497000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ٿي، گذريل سال 15 جنوري تائين جننگ فيڪٽرين ۾ 5490000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن موجب 15 جنوري تائين پنجاب جي جننگ فيڪٽرين ۾ 2586000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل سال ان عرصي تائين پنجاب جي جننگ فيڪترين ۾ 2687000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي هئي. سنڌ جي جننگ فيڪٽرين ۾ 15 جنوري تائين ڪپهه جي 2911000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل سال ان عرصي ۾ سنڌ جي جننگ فيڪٽرين ۾ 2803000 ڳٺڙين جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي هئي.











