ڪيميڪلز ۽ فارما مصنوعات جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي 21 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-30جنوري (اي پي پي) ڪيميڪلز ۽ فارما مصنوعات جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي 21 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.اسٽيٽ بينڪ موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ ڪيميڪلز ۽ فارماسيوٽيڪل مصنوعات جي روانگي واپار مان ملڪ کي 632 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ …

اسلام آباد-30جنوري (اي پي پي) ڪيميڪلز ۽ فارما مصنوعات جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي 21 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.اسٽيٽ بينڪ موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ ڪيميڪلز ۽ فارماسيوٽيڪل مصنوعات جي روانگي واپار مان ملڪ کي 632 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ ان مصنوعات جي روانگي واپار مان ملڪ کي 800 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيو هو. ڊسمبر ۾ ڪيميڪلز ۽ فارما مصنوعات جو ڳاڻيٽو 88 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ڊسمبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 43 سيڪڙو گهٽ آهي، ڊسمبر 2024ع ۾ ان مصنوعات جي روانگي واپار مان 153 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيو. نومبر جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر ۾ ڪيميڪلز ۽ فارما مصنوعات جي روانگي واپار مان ماهوار بنيادن تي 20 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي، نومبر ۾ ان مصنوعات جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 110 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ڊسمبر ۾ گهٽجي 88 ملين ڊالرز ٿي ويو.

مزید خبریں