سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، ڀارتي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جا 41 دهشتگرد جهنم ڀيڙا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-30 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ٿيل ٻن مختلف آپريشنن ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 41 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) موجب پهريون انٽيليجنس بيسڊ آپرشن هرنائي ضلعي جي ڀرپاسي ۾ فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. آپريشن دوران پاڪ فوج جي جٿن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. …

راولپنڊي-30 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ٿيل ٻن مختلف آپريشنن ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 41 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) موجب پهريون انٽيليجنس بيسڊ آپرشن هرنائي ضلعي جي ڀرپاسي ۾ فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. آپريشن دوران پاڪ فوج جي جٿن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارت جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 30 خارجين کي جنهم ڀيڙو ڪيو ويو. مارجي ويل خارجين جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو مليو جنهن کي موقعي تي تباهه ڪيو ويو. جڏهن ته ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن پنجگور ضلعي ۾ ڪيو ويو جتي دهشتگردن جي هڪ ٺڪاڻي کي تباهه ڪري فتنه الهندستان جي 11 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي ماريو ويو. انهن وٽان هٿيارن ۽ ڌماڪيدار مادي سميت روڪ رقم به هٿ آئي آهي جيڪا 15 ڊسمبر 2025ع تي پنجگور ۾ هڪ بينڪ ۾ ڌاڙي دوران ڦري وئي هئي. مارجي ويل دهشتگرد ماضي ۾ دهشتگردي جي مختلف ڪاررواين ۾ ملوث رهيا هئا، علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي.

مزید خبریں