اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سان وفاقي وزير ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون سان گڏ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين 15 رڪني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪ برطانيه پارلياماني، معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن، اتي رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي سميت مختلف …
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سان وفاقي وزير راڻا محمد قاسم نون سان گڏ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سان وفاقي وزير ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون سان گڏ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين 15 رڪني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪ برطانيه پارلياماني، معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن، اتي رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب وفد ۾ عمران حسين جو والد، برطانوي پارليامينٽ جو اڳوڻو ميمبر ۽ سماجي تنظيم آرفن ان نيڊز جو ڪنٽري ڊائريڪٽر محمد فيصل اسحاق سميت هيڊ آف فنڊ ريزنگ به شامل هئا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ پارلياماني، معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن، برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار، پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرفن ان نيڊز جي نمائندن ڊپٽي چيئرمين کي ٻڌايو ته هي تنظيم دنيا جي 14 ملڪن ۾ هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪري رهي آهي، تنظيم يتيمن جي ڀلائي ۽ ترقي، سماجي ترقي لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن تي به خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بهاولپور ۽ مظفرآباد ۾ تنظيم جا مرڪز قائم ٿي چڪا آهن جڏهن ته 1200 ٻارن کي تعليمي وظيفا ڏنا ويا آهن. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيد ال خان ناصر تنظيم جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته يتيمن ۽ بيواهن لاءِ هي واکاڻ جوڳو ڪم آهي جنهن جو دائرو ملڪ جي پٺتي پيل علائقن تائين وڌائڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق ماڻهو فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته ملڪ جي 24 پٽتي پيل ضلعن مان بلوچستان صوبي جي 17ضلعن ۾ واقع آهن جتي دهشتگردي، امن امان، سيڪيورٽي ۽ واپاري مسئلا درپيش آهن، اهڙن علائقن ۾ فلاحي منصوبن سان عوام کي حقيقي فائدو پهچي سگهي ٿو. هن بلوچستان کي ايشيا جو سينٽرل گيٽ وي قرار ڏيندي چيو ته هي صوبو معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود محرومي جو شڪار آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن سان ختم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت پٺتي پيل علائقن خاص ڪري بلوچستان تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، مواصلات جي نظام ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ڊگهي سفر جو وقت گهٽجي ڪجهه ڪلاڪن تائين محدود ٿي ويو آهي. هن سي پيڪ ۽ گوادر منصوبن کي نهايت اهم قرار ڏيندي چيو ته ان سان مقامي آبادي، خطي ۽ ويجهن ملڪن کي به فائدو پهچندو. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته هي مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت خاص ڪري ميان محمد نواز شريف ۽ ميان محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي هن چيو ته هو ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ سرندي وارن ماڻهن تي زور ڀريو ته هو پاڪستان جي پٺٽي پيل علائقن جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين ڊپٽي چيئرمين کي برطانيه جي دوري جي دعوت ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو ۽ ٻيا ڪشميري اڳواڻ برطانيه ۾ ڪشمير مسئلي کي هر اهم فورم تي اجاگر ڪندا آهن جنهن سبب دنيا ڀارت جي اصل چهري کان آگاهه ٿي چڪي آهي. وفد سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي ساڻس دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وفد سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.











