وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي طرف گامزن آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، 3 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄ جون حالتون بهتر، معيشت مستحڪم ۽ ڪاروباري شخصيتن ۽ ادارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي ويزن جي ڪري ملڪ جو عالمي سطح تي نالو روشن ۽ دنيا اسان جو …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، 3 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄ جون حالتون بهتر، معيشت مستحڪم ۽ ڪاروباري شخصيتن ۽ ادارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي ويزن جي ڪري ملڪ جو عالمي سطح تي نالو روشن ۽ دنيا اسان جو اعتراف ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي ملڪ جي مشهور ايڪسپورٽرز ۽ ڪاروباري شخصيتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريت کي خطاب دوران ڪيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزيرن سميت ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف واپاري برادري کي گڏ کڻي هلي رهي آهي ۽ ان کي درپيش سمورا مسئلا فوري طور حل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم نجي شعبي سان سڌيءَ ريت رابطي ۾ آهي، هو چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ مقامي صنعتڪارن کي آساني فراهم ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ اسان جي پرڏيهي پاليسي ايتري مضبوط نه هئي جيتري هاڻي آهي، اڄ عالمي مارڪيٽن تائين پاڪستان کي پهچ ملي رهي آهي جيڪا ملڪي معيشت ۽ مقامي سيڙپڪارن لاءِ سٺي ڳالهه آهي.

مزید خبریں