لاهور-30 جنوري (اي پي پي)پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ميانوالي ويجهو ڪارروائي دوران 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. ترجمان موجب سي ٽي ڊي کي اطلاع مليو ته چاپڙي ڊيم ويجهو دهشتگرد موجود آهن جيڪي پوليس ۽ ٻين ادارن تي حملي جي منصوبابندي مڪمل ڪري چڪا آهن، جنهن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. سي ٽي ڊي جي جوابي فائرنگ سبب …
سي ٽي ڊي پنجاب پاران ميانوالي ويجهو ڪارروائي، 6 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
لاهور-30 جنوري (اي پي پي)پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ميانوالي ويجهو ڪارروائي دوران 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. ترجمان موجب سي ٽي ڊي کي اطلاع مليو ته چاپڙي ڊيم ويجهو دهشتگرد موجود آهن جيڪي پوليس ۽ ٻين ادارن تي حملي جي منصوبابندي مڪمل ڪري چڪا آهن، جنهن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. سي ٽي ڊي جي جوابي فائرنگ سبب 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 8 فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، هڪ عدد خودڪش جيڪيٽ، 6 ايس ايم جي، 3 دستي بم ۽ 200 گوليون به هٿ ڪيون. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي جڪڏهن ته فرار ٿي ويلن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ محفوظ پنجاب جي هدف تي عمل پيرا آهي ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ پرعزم آهي.











