چين پاڪستان جي معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏي دلچسپي رکي ٿو: محمد ضمير اسدي

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) چين پاڪستان جي معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو . جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي شراڪتداري جي عڪاسي ٿئي ٿي. گذريل ڏينهن چائنا انٽرنيشنل پريس ڪميونيڪيشن سينٽر جي ريسرچ فيلو محمد ضمير اسدي پائيدار ترقي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته عالمي معيار جي تعميراتي ۽ آپريشنل اصولن تي عمل ڪندي ذميواراڻي …

اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) چين پاڪستان جي معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو . جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي شراڪتداري جي عڪاسي ٿئي ٿي. گذريل ڏينهن چائنا انٽرنيشنل پريس ڪميونيڪيشن سينٽر جي ريسرچ فيلو محمد ضمير اسدي پائيدار ترقي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته عالمي معيار جي تعميراتي ۽ آپريشنل اصولن تي عمل ڪندي ذميواراڻي طريقي سان کاڻيون کوٽڻ کي يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته چين پاڪستان ۾ معدني ترقي کي سماجي ماحولياتي ذميواري جي اصولن تحت اڳتي وڌڻ جو خواهشمند آهي. محمد ضمير اسدي ٻڌايو ته سينڊڪ منصوبي تحت هن وقت تائين 5،200 کان  وڌيڪ مقامي ڪارڪنن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي، جيڪو مقامي افرادي سگهه جي شموليت ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ چين جي مضبوط عزم جو عملي ثبوت آهي. هن چيو ته اهڙا منصوبا پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ روزگار جي موقعن ۽ مقامي آبادين جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں