اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل تعاون جي مختلف شعبن ۽ ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌرين جاري تعاون جو جائزو ورتو ۽ خاص ڪري توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ …
پيٽروليم واري وفاقي وزير سان سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل تعاون جي مختلف شعبن ۽ ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌرين جاري تعاون جو جائزو ورتو ۽ خاص ڪري توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي اقتصادي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل سيڙپڪاري جي موقعن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو. سعودي سفير رياض ۾ تازو ئي منعقد ٿيل فيوچر منرلز فورم ۾ پاڪستان جي فعال حصيداري کي ساراهيو ۽ معدنيات جي شعبي ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ فيوچر منرلز فورم ڪامياب منعقد ڪرڻ تي سعودي عرب کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته هي پليٽ فارم علائقائي تعاون لاءِ اهم موقعا فراهم ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وٽ معدنيات ۽ توانائي جي ٻنهي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. وفاقي وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا ٺوس نتيجن، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل قدمن کي هٿي ڏيندا. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ايندڙ وقت ۾ اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو.











